اسلام آباد ( م ڊ ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان قائره چيو آهي ته هر جماعت کي حق آهي ته اها دعويٰ ڪري ايندڙ وزير اعظم سندن هوندو.گند اڇلائڻ واري ڪلچر کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي. قمر زمان قائره چيو ته پي ٽي آءِ جي جن ماڻهن تي 9 مئي جو الزام آهي انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو قانون نه ٽوڙين ها ته پاڪستان تي سندن اوترو ئي حق آهي جيترو اسان جو آهي.ڪنهن جو رويو سخت آهي ته ان کي قائل ڪيو، اها ئي جهموريت آهي، قمر زمان قائره چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي کي اڪثريت ملي ته ٿي سگهي ٿو هو پوءِ به اتحادي حڪومت ٺاهي، ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته هر پارٽي کي حق حاصل آهي ته هو پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪري، پيپلز پارٽي کي پنهنجو وزير اعظم آڻڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي.اسان کي اندازو آهي ته پ پ سياسي جماعت آهي. پ پ پنجاب ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريندي ته ن ليگ به سڄي سنڌ مان چونڊ وڙهندي.