سنڌ پاران وفاق آڏو ڪٽوتين تي اعتراض، اهم ترقياتي رٿائن ۾ به رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير وزيراعظم آڏو صوبي جي ڪٽوتين تي اعتراض اٿاري ڇڏيو، اهم ترقياتي منصوبن ۾ رڪاوٽون به ختم ڪرڻ جو مطالبو، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وزيراعظم  هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سندس صوبي جي 5 اهم ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ کيس زور ڏنو ته صوبي جي اهم منصوبن تي رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ۽ منصوبن کي وقت سِر مڪمل ۽ افتتاح ڪرڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون وڃن. وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت کي ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) منصوبي جي قرض لاءِ ساوورين گارنٽي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي هن  وزيراعظم کي اها به درخواست ڪئي ته هو پاڪستان ريلوي کي هدايت ڪري ته اها زمين رائٽ آف وي (RoW) سان گڏ ڪي سي آر حوالي ڪري جسٽس باقر گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ (ڪي فور) بابت بحث تي ڳالهائيندي چيو ته خراب ٿيل انفراسٽرڪچر ۽ ڪمزور ڊسٽريبيوشن سسٽم سبب پاڻي جي فراهمي ۽ استعمال ۾ فرق وڌي ويو آهي جنهن سبب عوام ڏکائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ان ڳڻتي جوڳي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت واپڊا ذريعي گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم K-IV، فيز ون (260 MGD) منصوبي جي شروعات لاءِ راضي ڪيو. هن منصوبي لاءِ رکيل رقم اڻپوري آهي تنهنڪري اهو آڪٽوبر 2024ع تائين مڪمل نه ٿيندو. نگران وڏي وزير، وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته لاڳاپيل وزارت کي هدايت ڪري ته هلندڙ مالي سال 24-2023ع دوران گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم K-IV منصوبي کي ڄاڻايل وقت اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 24.5 ارب رپين جي واڌو رقم مختص ڪئي وئي.  وڏي وزير، وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملير ايڪسپريس وي تي ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي پر وفاقي حڪومت جي ڪجهه وزارتن جي اين او سيز/پرمٽس تعميراتي ڪم جي اڳڀرائي ۾ وڏي رڪاوٽ وڌي آهي وڏي وزير ڪراس ان پٽ ٽيڪس تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن تحت وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت جا 31 ارب رپيا ڪٽيا آهن. هن وزيراعظم تي زور ڀريو ته هو ايف بي آر کي هدايت ڪري ته ڪٽيل رقم کي سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) سان ڳنڍي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.