ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ معمولي ڏنڊ۽ ديت نه ڏيڻ تي جوابدارن کي آزادنه ڪرڻ واري ايڊووڪيٽ شهاب اوستو جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جوابدارن جي ديت جي ادائگي لاءِ سنڌ حڪومت پاران رقم جمع ڪرائڻ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، سنڌهاءِڪورٽ جي ناظر پاران رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت 26ڪروڙ10لک کان وڌيڪ رقم ديت جي مد ۾ ڏئي چڪي آهي، چئن جوابدارن کي ديت جي رقم ملڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار اسلم جي پاران ديت جي رقم باقي آهي، عدالت هاءِڪورٽ جي ناظر کي ٽرائل عدالت ۾ ديت جي رقم اداڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسلم ٻئي ڪيس ۾ ملوث نه آهي ته هن کي آزاد ڪيو وڃي، عدالت ٽن مهينن ۾ سنڌ حڪومت ۽ ٻين ادارن کان قيدين جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽوپنهنجي رمارڪس ۾ جيڪو قيدي پنهنجي سزا پوري ڪري چڪو آهن ۽ ديت جي رقم ادا نه ڪئي آهي ان بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ هزارن جي تعداد ۾ غريب قيدي رقم نه هجڻ ڪري قيد آهن، سنڌجي جيلن مان اهڙي قيدين جي فهرست گهري وڃي .
پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين : نواز شريف
لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ترقي جو سفر جتي بيٺو، اتان ئي شروع ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين. ن ليگ قائد نواز شريف جي پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون پهچڻ تي شهباز شريف سميت ٻين اڳواڻن سندس آجيان ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان خواجا آصف، احسن اقبال، اسحاق ڊار ۽ مريم اورنگزيب ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي صورتحال ۽ پارٽي جي سياسي سرگرمين تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نواز شريف اڳواڻن کي چونڊن جي تياري جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ترقي جو سفر جتي بيٺو هو، اتان ئي شروع ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين.
او آءِ سي،سعودي عرب،قطر پاران اسرائيلي وزير جي بيان جي مذمت
جده (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي وزير اميچائي الياهو طرفان غزه جي پتي تي ايٽمي بم ڪرائڻ جي ڌمڪي کي انتهاپسندي، نفرت انگيزي، تشدد ۽ منظم دهشتگردي تي اڪسائڻ جي متراف قرار ڏنو آهي. اسلامي سهڪار تنظيم طرفان سومر ڏينهن جده مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني عوام خلاف روزانو جي بنياد تي اسرائيلي نسل ڪشي عالمي قانون، معاهدن ۽ قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هوڏانهن سعودي عرب غزه جي پٽي تي ايٽم بم ڪيرائڻ جي حوالي سان اسرائيلي حڪومت جي هڪ وزير جي انتهاپسند بيانن جي شديد مذمت ڪئي آهي. سعودي خابروا داري مطابق پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جا رمارڪس اسرائيلي حڪومت جي ميمبرن ۾ انتهاپسندي کي ظاهر ڪن ٿا، قطر اسرائيلي وزير جي بيان جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هن غزه جي پٽي ۾ ايٽمي حملي جي ڌمڪي ڏني. قطر جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته ان طرح جي ڌمڪي جنگي ڏوهه تي اڪسائڻ، انساني همدردي، اخلاقي اقدار ۽ عالمي قانون جي توهين آهي.
غزا ۾ جنگ بندي نه ٿيڻ سبب آمريڪا کي گهڻو نقصان پهچندو . ايران
تهران (م ڊ ) ايران آمريڪا تي وچ اوڀر ۾ تڪرار کي هوا ڏيڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي نه ٿيڻ جي صورت ۾ آمريڪا کي گهڻو نقصان پهچندو . ايراني خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ايراني دفاع واري وزير محمد رضا اشتياني چيو آهي ته آمريڪين کي اسان جو مشورو آهي ته هو غزا ۾ جنگ فوري طورتي بند ڪري ۽ جنگ بندي تي عمل ڪري ، نه ته وري ٻئي صورت ۾ کيس وڏو نقصان پهچندو ۽ آمريڪا کي سنگين نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو
پ پ غير سنجيده بيان ڏيڻ بدران حقيقتن کي منهن ڏئي: جي يو آءِ ترجمان
اسلام آباد (م ڊ) جي يو آءِ ف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وچ ۾ لفظي جنگ تيز ٿي وئي آهي، پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ ۽ جي يو آءِ جي قيادت کي نشانو بڻايو ته جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري به ان تي رد عمل ڏئي ڇڏيو آهي، اسلام آباد مان جاري بيان ۾ اسلم غوري چيو ته پيپلزپارٽي غير سنجيده بيان ڏيڻ بدران حقيقتن کي منهن ڏئي، فيصل ڪريم ڪنڊي کي جواب ڏيندي جي يو آءِ ترجمان چيو ته پيپلزپارٽي ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ تي ڪاوڙ اتحادي جماعتن تي ڪڍي رهي آهي، اسلم غوري وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ ف ڪنهن جي آسري تي سياست ناهي ڪندي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي فون يا سهاري جي محتاج آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن عوامي حمايت کان محروم ٿي رهي آهي.
شيخ رشيد جي 9 مئي ڪيس ۾ ضمانت منظور
راولپنڊي(م ڊ) راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي 9 مئي جي واقعن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. شيخ رشيد پنهنجي وڪيل سردار عبدالرزاق خان سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته شيخ رشيد جو 9 مئي جي واقعن سان ڪوبه تعلق نه آهي. هن جون 9 مئي واقعن سان ڪي به ثبوت موجود نه آهن. وارث خان ۾ داخل ڪيس ۾ شيخ رشيد جي ضمانت منظور ڪندي کيس 50 هزار روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.ٻڌڻي دوران جج ملڪ اعجاز آصف کان سوال ڪيو ته شيخ صاحب اوهان ڪمزور نظر اچي رهيا آهيو، اوهان جي طبيعت صحيح آهي؟ جنهن تي شيخ رشيد چيو ته 40 ڏينهن جي چلي دوران 31 ڪلو وزن گهٽ ٿيو آهي. جج چيو ته شيخ رشيد 71 سالن جو پيرسن آهي سندس پوڙهائپ جو ته خيال رکيو وڃي.
شهرين جي ٽيليفون ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ لاءِ قانوني فريم ورڪ موجود آهي: وزيراعظم آفيس
اسلام آباد ( م ڊ ) آڊيو ليڪس ڪيس ۾ وزيراعظم آفيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن وزير اعظم آفيس پاران چيو ويو آهي ته شهرين جي ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ لاءِ قانوني فريم ورڪ موجود آهي، وزيراعظم آفيس انٽيليجنس ايجنسيز جي حساس معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي آهي، ائين ڪرڻ قومي سلامتي جي مفاد ۾ ناهي. وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي سوالن تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت سوال ڪيو هو ته ڪهڙي اداري وٽ شهرين جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ جي صلاحيت آهي؟ جواب ۾ چيو ويو ته انويسٽيگيشن فار فيئر ٽرائل ايڪٽ 2013 شهرين جي ڳالهه ٻولهه جي رڪارڊنگ جي اجازت ڏيڻ جو ميکانيزم فراهم ڪري ٿو. لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته شهرين جي رڪارڊ ڪيل ڳالهه ٻولهه کي راز ۾ رکڻ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي ۽ قانون موجب ليڪ ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته رڪارڊ ڪيل گفتگو ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نه ٿي سگهي. ٽيليگراف ايڪٽ 1885 پڻ پيغامن کي پڙهڻ لاءِ وفاقي يا صوبائي حڪومت کان اجازت گهري ٿو، پيڪا آرڊيننس ۽ ضابطن تحت به حاصل ڪيل ڊيٽا يا رڪارڊ جي رازداري ضروري آهي. عدالت سوال ڪيو ته شهرين جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ۽ ليڪ ڪنهن ڪئي؟ جاچ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته ٽيليفون تي شهرين جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ ۽ ليڪ ٿيڻ جو معاملو وفاقي حڪومت جي ڄاڻ ۾ آهي، وفاقي حڪومت سينيئر ججن تي ٻڌل اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميشن قائم ڪئي.
عمران خان جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائڻ تي ايس پي اڊيالا جيل کي نوٽيس جاري
اسلام آباد ( م ڊ ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان ڳالهه ٻولهه نه ڪرائڻ تان اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شيراز رانجها عمران خان جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائڻ تان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي اسپيشل ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالتي حڪمن باوجود اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ چيئرمين پي ٽي آءِ جي عمران خان جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائي ۽ ايس پي جيل عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جيل اختيارين کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان ڳالهه ٻولهه جي حڪم تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ کي نوٽيس جاري ڪندي 8 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.
طاهر پلازه سانحو: اکين ڏٺن شاهدن سعيد ڀرم سميت 3 جوابدارن کي سڃاڻي ورتو
ڪراچي (رپورٽر) طاهر پلازه کي باهه لڳڻ جي ڪيس ۾ ٻن اکين ڏٺن شاهدن ٽارگيٽ ڪلر سعيد ڀرم سميت ٽن دهشتگردن کي سڃاڻي ورتو ۽ بيان رڪارڊ ڪرائي ورتو، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ طاهر پلازه سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اکين ڏٺن شاهدن، رڪشي ڊرائيور ۽ مقتول وڪيل جي گن مين جا بيان به قلمبند ڪيا ويا، شاهد رڪشي ڊرائيور چيو ته واقعي جي ڏينهن طاهر پلازا ڀرسان بيٺو هيس، اوچتو فائرنگ جو آواز آيو ۽ ڀاڄ پئجي وئي، سعيد ڀرم سميت ٻين جوابدارن کي فائرنگ ڪندي ڏٺو، شاهد گن مين چيو ته سعيد ڀرم ۽ ٻيا جوابدار طاهر پلازا ۾ داخل ٿيا هئا، هي اهي ئي جوابدار آهن، جن طاهر پلازا ۾ وڪيلن جي آفيسن کي باهه ڏني هئي، سعيد ڀرم سميت ٻين جوابدارن کي باهه لڳائيندي ڏٺو هو.