لاهور (عوامي آواز نيوز) دنيا نيوز چينل جي اينڪر پرسن اجمل جامي استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، هو ڪنهن ٻئي چينل تي پروگرام ڪندو. نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته اجمل جامي دنيا نيوز تي مجيب الرحمان شامي سان پروگرام ڪندو آهي. هاڻي اهو پروگرام سلمان حسن ڪندو جنهن دنيا نيوز کي جوائن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سلمان حسن اڳ به دنيا نيوز تي رهي چڪو آهي. ان بعد هو مختلف چينلن تي ڪم ڪندو رهيو. اجمل جامي جي استعيفا کانپوءِ سلمان حسن دنيا نيوز تي واپسيءَ جو فيصلو ڪيو آهي.