لاهور (م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻن جو 2 ڪلاڪ ڊگهو اجلاس ٿيو، جنهن جي اندروني ڪهاڻي ذريعن وٽان سامهون اچي وئي آهي. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف پارٽي اڳواڻن سان عام چونڊن لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ۽ ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن جي تجويزن تي غور ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ معاشري ۾ عدم برداشت ۽ نفرت واري سياسي فضا ختم ڪرڻ تي به تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته نواز شريف جي تجويز تي سمورين پارٽين جي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي به تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي. نواز شريف سينيٽر اسحاق ڊار کي سياسي پارٽين سان رابطن ۽ ڪميٽي ذميواري سونپي آهي. نواز شريف پاران جوڙيل ڪميٽي ۾ راڻا ثناءُ الله، خواجا سعد رفيق، اياز صادق ۽ ٻيا اڳواڻ شامل آهن. ن ليگ اڳواڻ پاڪستان پيپلز پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام ف جي قيادت سان رابطو ڪندا. ان کان علاوه مسلم ليگ ق، ايم ڪيو ايم ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي، سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست پارٽين، خيبرپختونخواهه جي عوامي نيشنل پارٽي سميت ٻين پارٽين سان به رابطا ڪيا ويندا. نواز شريف جي منظوري کانپوءِ ن ليگ قيادت پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده قيادت سان رابطو ۽ ڳالهه ٻولهه جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف سميت هر سياسي پارٽي کي چونڊ عمل ۽ سياسي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.