ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نديم قمر ڪرپشن ڪيس ۾ نيب ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ نيب چيئرمين، چيف سيڪريٽري، نديم قمر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راڄپوت وٽ درخواستگذار اين آءِ سي وي ڊي جي آفيسر مرتضيٰ کهڙو جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل ظهيرالدين مجاهد اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نديم قمر تي اربين رپين جي ڪرپشن تي نيب ۾ ريفرنس ڪرڻ ۽ سندس نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ دليل ڏنا، جنهن بعد عدالت نيب چيئرمين، ڊي جي نيب، چيف سيڪريٽري، صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ نديم قمر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، دخواستگذار جي وڪيل ظهيرالدين مجاهد چيو ته نديم قمر اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي، ان ڪري کيس قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ نديم قمر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهرائي ملڪ کان ڀڄڻ نه ڏنو ويندو ۽ ان کان حساب ورتو ويندو.