ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي گلشن مري ۾ رٽائرڊ ڊي آءِ جي جي گهر مان 20 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جا 41 قيمتي طوطا چوري ٿي ويا، پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، گلشن مري سيڪٽر وي 2 جي گهر نمبر اي 67 ۾ رهواسي رٽائرڊ ڊي آءِ جي جيل راجا ممتاز جي گهر مان لکين رپين جا 41 قيمتي طوطا چوري ٿي ويا، جنهن ڪري ڪرائم سين يونٽ کي طلب ڪيو ويو، ايس ايڇ او گلشن معمار وقار قيصر موجب رٽائرڊ ڊي آءِ جي راجا ممتاز پنهنجي گهر جي ڇت تي پنڃري ۾ قيمتي طوطا رکيا هئا، طوطا رات جو ٽئين وڳي کان صبح 6 وڳي تائين چوري ڪيا ويا، چوري ٿيل طوطن جي قيمت 20 لکن کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار رٽائرڊ ڊي آءِ جي جي گهر ڀرسان هڪ ٻئي گهر جي پوئين پاسي کان پائيپ ذريعي ڇت تي چڙهي آيا ۽ قيمتي طوطا چوري ڪري فرار ٿي ويا، راجا ممتاز جي گهر جي ڇت تي ڪي به سي سي ٽي وي ڪئمرا ناهي لڳل آهي، جلد جوابدارن کي هٿ ڪيو ويندو.