ليول پليئنگ فيلڊ کي توهان ايون فيلڊ سمجهي رهيا آهيو: فيصل ڪريم

اسلام آباد ( م ڊ ) پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم نواز جي بيان تي ردعمل ڏيندي  چيو آهي ته اسان ليول پلينگ فيلڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، توهان ايون فيلڊ سمجهي رهيا آهيو، هن ڀيري عوام سليڪشن کي قبول نه ڪندو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته  اليڪشن کان پوءِ اسان جي قيادت ن ليگ کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي سگهي ٿي، نواز شريف پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان کي مس ڪال به نه ڏني آهي. هڪ بيان ۾ هن ن ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته لاهور جي جلسي ۾ ماڻهو شامل نه هئا، حڪومت جي خرچ تي جلسا ٿيڻ وڏي ڳالهه ناهي. فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪڏهن به ليول پلينگ فيلڊ ناهي ملي، سمورين پارٽين کي ليول پلينگ فيلڊ ملڻ گهرجي. هن چيو ته هن ڀيري عوام اليڪشن کي قبول نه ڪندو، اليڪشن ۾ سرپرائز ڏينداسين، ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي ئي هوندي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته 2008ع ۾ اسان ن ليگ کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.