ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گريڊ ھڪ کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين تي پابندي وارو ڪيس جي ٻڌڻي،فروغ نسيم عدالت ۾ پيش نه ٿي سگھيو، عدالت درخواست جي ايندڙ ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي، نوڪرين تي 13 نومبر تائين پابندي وارو فيصلو برقرار رھندو.
پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ خلاف انڪوائري: عدالت جي ايف آءِ اي تي ڪاوڙ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ خلاف انڪوائري حوالي سان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس امجدعلي سهتو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي تي سخت ڪاوڙجو اظهار ڪندي چيو ته اوهان وقت ضايع ڪرڻ جي عادت ٺاهي ڇڏي آهي، جڏهن اوهان کي نوٽيس ڏنو ويو ته رپورٽ ڇو نه پيش ڪئي، جڏهن کان انڪوائري شروع ڪئي آهي ته خالي هٿين عدالت ۾ پيش ٿيا آهيو، عدالت ڪيس کي ٻه هفتن لاءِ ملتوي ڪري انڪوائري جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪچي ۾ آپريشن دوران 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو: رينجرز ترجمان
ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ترجمان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن. سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي جي تعلقي اوٻاوڙو جي علائقي ڳوٺ مير ڪوش ۾ ڦر، اغوا، ڀنگ، قتل، سهولتڪاري ۽ مختلف ڏوهن ۾ ملوث 5 جوابدارن محمد حسن کوسو، حاجي امداد علي، نواب علي عرف نوابي، محمد عمر ۽ فلڪ شير شامل آهن. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان مختلف قسم جا هٿيار ۽ بارود، بلٽ پروف جيڪٽ ۽ دوربين پڻ هٿ ڪئي وئي، گرفتار جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 9 کان وڌيڪ ايف آءِ آر داخل ٿيل آهن.
والاريل بيت المقدس: فلسطيني قيدين جيل تان اسرائيل جو جهندو لاهي ڇڏيو
والاريل بيت المقدس(م ڊ) والاريل بيت المقدس م فلسطيني قيدين جيل ۾ اسرائيلي جهنڊو لاهي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ اختيارين جيل تي حملو ڪري قيدين کي تشدد جو نشانو بڻايو. سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن اسرائيلي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي حوالي سان ٻڌايو ته جيل سروس گذريل ڏينهن مجيدو جيل ۾ ان وقت فلسطينين جي سيلن تي ڇاپو هنيو جڏهن انهن مان ڪيترن ئي جيل تان اسرائيل جو جهنڊو لاهي ڇڏيو هو.
خديجه شاهه جي ضمانت جي درخواست تي رڪارڊ طلب
لاهور (م ڊ ) لاهور جي سيشن عدالت چڙڏياريندڙ ٽوئيٽ ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه جي ضمانت تي آزادي لاءِ داخل درخواست تي اڱاري ڏينهن تي ايف آئي اي کان ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو خديجه شاهه استدعا ڪئي ته عدالت ايف آئي اي جي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري آزادي جو حڪم ڏي . سيشن عدالت 7 نومبر تي ايف آئي اي کان خديجه شاهه ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو .
سنڌ حڪومت پاران ڏياري تي هندو برادري جي ملازمن لاءِ موڪل جو اعلان
ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت هندو برادري لاءِ 13 نومبر تي ديوالي جي موقعي تي موڪل جو اعلان ڪيو آهي سنڌ حڪومت هندو برادري لاءِ ديوالي جي موقعي تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هندو برادري جي ديوالي جي موقعي تي صوبي جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۽ ڪارپوريشنز ۾ سومر 13 نومبر تي موڪل هوندي. ان کان اڳ سنڌ حڪومت 9 نومبر تي يوم اقبال تي عام موڪل جو اعلان ڪيو هو.