فلسطيني ٻار به اسرائيلي ۽ آمريڪي ٻارن وانگر اهم آهن:برني سينڊرز

ڪراچي (م ڊ) آمريڪي سينيٽر ۽ اڳوڻي صدارتي اميدوار برني سينڊرز چيو آهي ته فلسطيني ٻار به ايترا ئي اهم آهن جيترا اسرائيلي ۽ آمريڪي ٻار آهن، ان حوالي سان هن هڪ بيان ۾ چيو ته غزه جي تباهي جديد دور جي سڀ کان وڏي خطرناڪ لمحن مان هڪ آهي، برني سينڊرز جو چوڻ هو ته پناهگيرن جي ڪيمپن ۽ ايمبولينسن تي انڌاڌنڌ بمباري سبب هزارن مرد، عورتون ۽ ٻارن کي قتل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي جنهن کي ڪنهن به صبول ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. ٻئي پاسي اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباماش چيو آهي ته فلسطين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو برداشت جوڳو ناهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ باراڪ اوباما چيو ته ڪنهن نه ڪنهن حد تائين اسان سڀ ان ۾ شريڪ آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.