چونڊن جي تاريخ جو معاملو غير ضروري طور عدالت آندو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد ( م ڊ ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ عام چونڊن بابت 90 ڏينهن اندر لکيل فيصلي ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي  ته عام چونڊن جي تاريخ جو فيصلو صدر ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڪرڻ گهرجي ها پر ان معاملي کي غير ضروري طور سپريم ڪورٽ آندو ويو.خابرو اداري جي رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جو لکت وارو فيصلو جاري ڪيو هو.  هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي آئيني دائره اختيار کان پوري طرح آگاهه آهي، عدالت صدر ۽ اليڪشن ڪميشن جي دائره اختيار ۾ مداخلت نه ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.