اسلام آباد ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان ٻه ڀيرا آئين ٽوڙڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي صدر عارف علوي اخلاقي جرئت ڏيکاري ۽ استعيفيٰ ڏئي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد تي چڙهائي جي ڌمڪي نه ڏئي ها ته ن ليگ مئي 2022 ۾ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ها. اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڌمڪي کانپوءِ نواز شريف اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو تبديل ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته ماضي ۾ جيڪي قدم کنيا ويا آهن، انهن تي ڪارروائي بنا نه ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليشن ڪميشن ميثاق جمهوريت جي نامڪمل ايجنڊا آهي، ڪميشن رپورٽ ٺاهي ته ماضي ۾ ڪنهن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي.