آصف علي زرداري جي گهوٽڪي ياترا ۽ سياسي منظر نامو

تحرير: سڪندر چنو

آصف علي زرداري 7 نومبر تي چيف سردار علي گوهر خان مهر جيڪو جي ڊي اي جي آکيري مان اڏار ڪري پي پي جي آکيري ۾ اچي ويٺو آهي ان جي دعوت تي خان ڳڙهه گهوٽڪي ۾ پهچندو. آصف علي زرداري جي ان دوري لاءِ سردار علي گوهر خان مهر سنڌ جي 20 هزارن کان مٿي سياسي ڌرين ۽ شخصيتن کي دعوتن جا نياپا موڪلي ڇڏيا آهن. آصف علي زرداري جي خان ڳڙهه واري ياترا اهم حيثيت رکي ٿي. جڏهن آصف علي زرداري خان ڳڙهه موجود هوندو ته ان جي موجودگي ۾ سنڌ جون اهم سياسي پي پي مخالف شخصيتون پي پي ۾ شموليت ڪنديون. آصف علي زرداري چاهي ٿو ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿئَي.

جيتوڻيڪ موجوده سياسي منظر نامي ۾ اهو ٿيڻ ڏاڍو مشڪل لڳي رهيو آهي. پر 2018 واري اليڪشن عوام جي اڳيان آهي. 2018 ۾ پي پي مخالف پارٽين جي پوزيشن ڏاڍي مضبوط سامهون آئي هئي پر اليڪشن ٿيڻ کان 2 ڏينهن اڳ آصف علي زرداري اسٽيبلشمينٽ کي راضي ڪري ورتو ۽ 2018 جي اليڪشن پي پي جي جهولي ۾ اچي ويئي. آصف علي زرداري جي سياست ڪنهن کي به سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي. ڇاڪاڻ ته پنجاب جي سياستدانن آصف علي زرداري جي سياست تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو اشارو هميشه ڏيندا آيا آهن ۽ ملڪ جا سياستدان زرداري جي سياست تي پي ايڇ ڊي نه ڪندا تيستائين زرداري جي سياست کي سمجهڻ ڏاڍو مشڪل آهي. آصف علي زرداري خان ڳڙهه جي ياترا دوران اهم سياسي اعلان به ڪندو. جيتوڻيڪ گذريل 13 سالن ۾ پي پي سنڌ کي ترقي پذير صوبو بنائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويئي آهي. انهن سڀني عوامي شڪايتن کي سامهون رکندي زرداري پارٽي اندر اصلاحات ۽ نئي سر تنظيم سازي ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. آصف علي زرداري جي خان ڳڙهه جي دوري دوران پارٽي اڳواڻن سان ڪارائتون ملاقاتون به ڪندو. سردار علي گوهر خان مهر سنڌ جي سياست جي اٿل پٿل ۾ اهم ڪردار طور مشهور آهي. آصف علي زرداري چاهي ٿو ته جيڪڏهن هاڻي سنڌ جي حڪمرانيءَ جو موقعو مليو ته هو پنهنجي وس آهر خوشحال بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو. ڇاڪاڻ ته آصف علي زرداري جن کي سنڌ کي خوشحال بنائڻ جو موقعو ڏنو اهي ناڪام ويا. آصف علي زرداري سنڌ ۾ پي پي مخالفن کي پارٽي ۾ آڻڻ لاءِ وڏي حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي. لاڙڪاڻي مان جي ڊي اي جي اهم سياسي قوت طور مشهور سياسي گهراڻي جي شخصيت عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسين انڙ پڻ تازو جي ڊي اي کي الوداع ڪري پي پي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. انڙ ڀائرن جي پي پي ۾ اچڻ سان لاڙڪاڻي ۾ سياسي طور اڃان به پي پي وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي. ۽ خان ڳڙهه ۾ عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسين انڙ پي پي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري کيس علي آباد انڙ هائوس جي دوري جي دعوت پڻ  ڏيندا.

آصف علي زرداري خان ڳڙهه جي دوري کان پوءِ پنجاب جو رخ ڪندو. علي گوهر خان مهر جي اچڻ سان پي پي سنڌ ۾ مضبوط ٿيندي. آءٌ وري به ان ڳالهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايان ٿو ته آصف علي زرداري وٽ انويسٽر يعني رت ڏيڻ وارا تمام ٿورا آهن جيڪي وقت اچڻ تي زرداري لاءِ پنهنجي جان جيئن جيئن اليڪشن جا ڏينهن ويجهو اچي رهيا آهن تيئن تيئن ملڪي سياست ۾ وڏو چاڙهه اچي رهيو آهي. هن ڀيري پي پي کي سنڌ مان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سيٽون ملنديون پر حڪومتي سازي ۾ پي پي کي اڃان به 25 سيٽن جي ضرورت پوندي جيڪا پي پي ڪراچي مان پوريون ڪري وٺندي ۽ ڪجهه پنجاب مان. هن ڀيري پي پي کي بلوچستان مان به اڳ کان وڌيڪ سيٽون ملنديون ڇاڪاڻ ته مير ثناءُ الله زهري ۽ جنرل (ر) قادر بلوچ ۽ ٻيون اهم سياسي قوتون ن ليگ کي ڇڏي پي پي ۾ اچي ويون آهن. ان کانسواءِ ڄام ڪمال خان ۽ قدوس بزنجو به پي پي ۾ اچي ويندا. آصف علي زرداري جتان جتان به لنگهندو اتان پي پي مخالفن کي پارٽي ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪندو ويندو. هن وقت ملڪ جي معاشي حالت ڪا ٺيڪ ناهي اسٽيبلشمينٽ جيڪا سياسي ۽ جوڙ توڙ واري پلاننگ ڪري رهي آهي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ حڪومت قومي حڪومت هوندي اسٽيبلشمينٽ ن ليگ ۽ پي پي کان معاشي پلان وٺندي. ۽ ٻئي پارٽيون ملڪ اندر اربن ڊالرن جي انويسٽمينٽ ڪرائڻ جا پابند هوندا. 50 ارب ڊالر زرداري آڻيندو ۽ 125 ارب ڊالر ن ليگ آڻيندي. تازو صدر پاران اليڪشن جي ڏنل تاريخ 8 فيبروري کان پوءِ ملڪ ۾ سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن. پي پي تحريڪ انصاف سان پنجاب توڙي سنڌ اندر سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. پر اهو اشارو نواز شريف جي ممڪن طور سنڌ ياترا کي روڪڻ آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پاڪستان جي مستقبل جو فيصلو ڪندڙ پاڪستان جي موجوده سياسي انارڪي جو فيصلو ڪيئن ٿا ڪن؟ ۽ انهن فيصلن جا نتيجا ڪهڙا عوام آڏو اچن ٿا؟

اسلام آباد ۾ جيڪا کچڙي پچي رهي آهي ته نواز ليگ ملڪ مان مڪمل سيٽون به ڪونه کڻي سگهندي ۽ ان کي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ 80 سيٽن جي ضرورت پوندي جيڪا پي پي کي ملائي ورتيون وينديون. رهي ڳالهه وزارت اعظمي جي ته اسٽيبلشمينٽ نواز شريف تي گهٽ اعتبار ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته نواز شريف هڪ اناپرست سياستدان آهي ۽ اهو اسٽيبلشمينٽ کان منهن موڙڻ ۾ دير ناهي ڪندو ان ڪري اسٽيبلشمينٽ شهباز شريف تي راضي آهي. اسٽيبلشمينٽ ممڪن آ بلاول ڀٽو زرداري تي راضي ٿي به وڃي. پر اهو پتو اسٽيبلشمينٽ بيڪ اپ ۾ رکيو آهي. عمران خان جيڪڏهن جيل مان آزاد نه ٿو ٿئي يا نااهل ٿئي ٿو ته پوءِ ممڪن آ عمران خان سيٽون کٽي پي پي جي جهولي ۾ ڏيئي ڇڏي؟ پر في الحال ايئن ٿيندي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. تحريڪ انصاف جو ووٽر هڪ هائيڊروجن بم جيان ڀريو پيو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ صاف شفاف اليڪشن ٿئي ٿي ته پوءِ ممڪن آ ن ليگ کي پنجاب ۾ وڏو اپ سيٽ ملي ته پوءِ نواز شريف کي آڻيندڙن جو ٻيو پلان ڪهڙو هوندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.