تاريخ جا گناهه ۽ فلسطين جو مسئلو

تحرير: امتياز عالم

چار ھفتا ٿي ويا آھن تاريخ  جي بدترين دهشتگردي ھٿان غزا ۽ اولھه جي ڪناري تي بي ھٿيار فلسطيني ٻارن جو رڙيون ۽ عورتن جي آھ زارين کي ٻڌڻ وارو ڪو بھ نھ آھي.

جھاد دي سبيل  الله وارا بھ غائب ۽ فقھ موسوي تي عمل ڪندڙ بھ ڪٿي مري کپي ويا. قيامت اچي وئي آهي. ڏھ ھزار کان وڌيڪ فلسطيني موت جو بک بڻجي  چڪا آهن ۽ جنگ جي عالمي قانونن ۽ جنيوا ڪنوينشن کي ليکيو ئي نھ پيو نھ وڃي.28 ڏينهن جي بمباري سان غزا  تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي، هاڻي اسپتالن ۽ پناهگاهون به نشاني تي آھن. اسرائيلي بري فوجون هاڻي غزه شهر جو گهيرو ڪري چڪيون آهن ۽ آخر ھي رت جي ھولي ڪيستائين  هلندي يا وري جنگ بندي جو ڪو رستو نڪري سگهندو ؟ فلسطينين جي پهرين دربدري  (1948ع) ۽ ٻي وطن بدري (1967ع) کانپوءِ ٿي ھئي. ڇا ھاڻي سينا جي صحرا ۾ پناھ گيرن کي جلاوطن ڪيو ويندو؟ يا وري غزا جي زير زمين سرنگن ۽ عمارتن جي باقيات جي ڊڳن ۾ دٻيل خندقن ۾ لڪيل حماس جا مجاهد 200 کان وڌيڪ اسرائيلي يرغمالن کي هٿيار طور استعمال ڪندي  اسرائيل کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري  ڇڏيندا. ٻنهي طرف هڪ وڏي جوئا آهي. جيتوڻيڪ يھودي يرغمالين جي معاملي تي  اسرائيل جي نتن ياهو حڪومت وڏي دٻاءُ ۾ آهي ۽ جنھن جو مستقبل پڻ انتهائي غير يقيني آهي، اھا پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيندي يا وري انھن جي سلامتي داءُ تي لڳائي  حماس جي خاتمي ڪرڻ کان سواءِ پوئتي نه هٽندي ۽ تيستائين ائين لڳي ٿو تھ  اسرائيل غزا جي اترين پٽي کي ناس ڪري چڪو ھوندو  ۽ غزا جا پناهگير ڏکڻ واري حصي ۾ قيد ڪيا ويندا يا سينا جي صحرا ۾ ڌڪيا ويندا. قاهره ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ مصر کي ان جي بدلي ۾ 165 ارب ڊالرن جا قرض معاف ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آھي، پر صدر السيسي اڃا تائين فلسطينين کي وادي سينا ۾ پناهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن ائين ٿئي  ته اهو 1948 کان پوءِ ٻيو وڏو فلسطيني اخراج (عقبه) هوندو. لبنان مان حزب الله ۽ يمن مان ھوثي مجاهدين طرفان محاذ کولڻ جي جيڪا خبر اچي رھي آهي اھا گذريل  ڏينهن حزب الله جي اڳواڻ جي تقرير کانپوءِ دم ٽوڙي وئي آهي. ھن وقت جيڪڏهن ڪو فلسطينين سان گڏ آهي ته اھو فقط ايران.

لڳي ٿو ته اڪثر عرب ملڪ خاص ڪري گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، مصر ۽ اردن ان انتظار ۾ آهن ته حماس جو يا تھ صفايو ٿي وڃي يا وري اسرائيل پوئتي ھٽڻ تي مجبور ٿي وڃي.

ان ڪري  22 عرب ملڪن تي ٻڌل عرب ليگ جو اجلاس 11 نومبر تي جنگ شروع ٿيڻ جي 34 ڏينهن کانپوءِ  سڏايو ويو آهي. ان دوران عالمي راءِ عامھ جو پاسو  مظلوم فلسطينين جي حق ۾ ٿي ويو آهي ۽ سموري دنيا ۾ خاص ڪري اولهه ۾ جنگ بندي ۽ انساني مدد لاءِلکين ماڻھون مظاھرا ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين  جنگبندي واري ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيو آهي پر جنرل اسيمبلي ۾ جنگبندي واري ٺهراءُ کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان پاس ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ ان جا اڪثر اتحادي اسرائيل جي دفاع  ۾ هن جنگ ۾ شريڪ ٿي چڪا آهن. پر هاڻي عالمي عوامي راءِ جي دٻاءُ ۽ خود آمريڪا جي صدر جو بائيدن جي ايندڙ چونڊن ۾ خاص ڪري رنگ مٽائيندڙ رياستن ۾ امڪاني ناڪامي جا امڪان وڌڻ سان آمريڪي انتظاميه مجبور ٿي وئي آهي ته  اسرائيل کي وڌيڪ خونريزي کان روڪڻ لاءِ ڊرامي بازي پئي ڪري.پر لڳي ٿو ته اسرائيل جي انتھائي ساڄي ڌر جي  صهيوني حڪومت اڃا تائين پوئتي نه هٽندي.

يھودين سان ڊگھين زيادتين ۽ وطن بدرين ۽ ٻي عالمي جنگ جي ھولو ڪاسٽ ۾ لکين يھودين سان ڪيل فاشسٽ زيادتين جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ رياست (14 مئي، 1948) پاڻ ھڪ بدترين نو آبادڪار  (صهيوني) رياست بڻجي وئي، مصر جي فرغون جي گھر نپجي وڏي ٿيل حضرت موسيٰ جي قوم مصر بدر ٿيڻ بعد ڪنعان جي علائقي جنھن  ۾ جوڊيھ ۽ سماريه (غزه ۽ اولهه ڪناري) جي صوبن ۾ شامل هئا ۾ وڃي پناھ تھ ورتي.پر روم، پروشيا، بزنطينيون، بابل، عربن ۽ عثمانين جي ھٿان فتح دربدري ٿيندي رھي ۽ ان اميد تي ته وطن جي واپسي جنهن جو توريت ۾ واعدو ڪيل آھي تھ ٿي رهندي. سلطنت عثمانيه جي قبضي جي خاتمي تي برطانوي قبضي ٿيو ۽ 1917ع ۾ بالفور اعلان جاري ڪيو ويو. پر جيڪا قرار داد نمبر 181 ۾گڏيل قومن ۾ پاس ٿي ان ۾ اسرائيلين ۽ عربن جا ٻھ صوبا فلسطين جي سرزمين تي قائم ٿيڻا ھئا.يعني يا رياستي حل ڳوليو ويو. پر ڊيوڊ بن گوريان نه رڳو اسرائيل جي رياست جو اعلان ڪيو پر 1948ع جي عرب اسرائيل جنگ ۾ ست لک فلسطينين کي انھن جي سرزمين تان بي دخل ڪري ڇڏيو.خود عرب ملڪ پڻ  الڳ فلسطيني رياست نھ پئي چاهي. ان ڪري اولهھ جي  ڪناري ۽ اوڀر يروشلم، اردن  غزا جو علائقو  مصر ۽ گولان جون پھاڙيون شام جي قبضي ۾ اچي ويون. پر 1967ع جي ڇهن ڏينهن واري جنگ ۾ عربن جي وڏي شڪست سبب اهي سمورا علائقا اسرائيل جي قبضي ۾ ھليا ويا ۽ ان وقت کان وٺي ھي جھڳڙو جاري آھي تھ انهن قابض علائقن ۾ اسرائيل سان گڏوگڏ فلسطيني رياست جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. ان مزاحمت ۾ فلسطين محاذ آزادي لبريشن فرنٽ (PLO) ۽ چيئرمين ياسر عرفات فلسطينين جي اڳواڻ طور اڀري آيا. الفتح ۽ کاٻي ڌر جي انقلابي تنظيمن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ فلسطين جو مسئلو ايجنڊا تي اچي ويو. ۽ امن جو رستو نڪرڻ لڳو. جيڪي ٽي مسئلا سامهون آيا سي ھي هئا. فلسطينين جي واپسي جو حق، يروشلم تي ٽنھي مذهبن جي دعوائن جو حل ۽ ويسٽ بئنڪ ۽ غزا ۾ فلسطيني رياست جو قيام ۾ آيل اسرائيلي آبادڪارن جو وڌندڙ قبضي جو خاتمو. پي ايل او ۽ اسرائيل وچ ۾ اوسلو ۾ ڳجھين ڳالھين جي ذريعي  1993ع ۽ 1995ع ۾  معاهدا ٿيا ۽ چيئرمين ياسر عرفات ۽ اسرائيلي وزيراعظم اسحاق رابن وچ ۾ 1993ع ۾ صدر ڪلنٽن جي موجودگيءَ ۾ امن عمل کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ٿي ويو. پر صهيوني انتهاپسندن اسحاق رابن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ اتي نتن ياهو جهڙو انتها پسند اچي ويو ۽ معاهدي تي عمل اڳتي وڌڻ بدران پوئتي هٽندو ويو، تھ پوءِ فلسطينين ۾ پڻ هٿياربند جدوجهد جا حامي سامھون اچڻ  لڳا ۽ فلسطيني اٿارٽي امن جي ڪوششن ۾ تباھ ٿي وئي.

ھتي  دلچسپ ڳالهه ھي آهي ته فلسطيني اٿارٽي جي ناڪامي ۾ نه رڳو اسرائيل اهم ڪردار ادا ڪيو پر اسرائيل  انتهاپسند گروهن جي حمايت ڪئي. ان اندروني تڪرار جي نتيجي ۾ حماس 2007ع جي چونڊن ۾ فتح حاصل ڪئي ۽ غزه تي قابض ٿي وئي.

ھاڻي حماس 7 آڪٽوبر تي اسرائيلي شهرين تي جيڪو حملو ڪيو ان  جي جواب ۾ اسرائيل غزه تي ۾ رڻ ٻاري ڏنو آھي.اها صرف مھم جوئي ثابت ٿيندي يا وري ان مان ڪو امن ڏانهن واٽ ويندي ؟ اسرائيلي انٽيليجنس جي تازي رپورٽ موجب اسرائيل چاھيندو تھ غزا ۾ ڪا نئين انتظاميه اچي يا وري غزا مان فلسطينين کي ڪڍڻ ٻاھر ڦٽو ڪيو وڃي

هاڻي اهو معلوم ناهي ته هن وڳوڙ ۽ قتلام مان  ڇا نڪرندو ؟  ۽ مستقبل ۾ فلسطينين جي ڪهڙي قيادت اڀري سامهون ايندي ؟ بهرحال جيڪا ڳالھه  تاريخي طور تي سامهون آئي آهي سا ھي آھي تھ  سامي دشمني يا صهيونزم يا دهشتگردي سان ان جو حل نڪرڻو ناهي. جيڪڏهن اسرائيل کي سلامتي گھرجي ته اهو فلسطينين کي انصاف ڏيڻ بنا ۽ انھن جي رياست جي قيام کان سواءِ ممڪن نه آهي. جيڪا اسرائيل سان گڏ رهندي، تاريخ جي ناانصافين جا گناهه فلسطينين سان انصاف ۽اسرائيل جي  سلامتي سان ئي ڌوپجي سگهن ٿا.

فلسطينين جي پهرين دربدري  1948ع ۽ ٻي وطن بدري 1967ع کانپوءِ ٿي ھئي. ڇا ھاڻي سينا جي صحرا ۾ پناھ گيرن کي جلاوطن ڪيو ويندو؟ يا وري غزا جي زير زمين سرنگن ۽ عمارتن جي باقيات جي ڊڳن ۾ دٻيل خندقن ۾ لڪيل حماس جا مجاهد 200 کان وڌيڪ اسرائيلي يرغمالن کي هٿيار طور استعمال ڪندي  اسرائيل کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري  ڇڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.