1920ع ڌاري سنڌ جي ڪجهھ عالمن اها فتوا جاري ڪئي ته”جيئن ته هاڻي سنڌ مٿان ڪافر انگريز جي سرڪار مسلط ٿيل آهي، تنهن ڪري هتي سنڌ ۾ رهڻ مناسب ناهي ۽ متبادل طور سنڌ کي ڇڏي نائين نُک جي پاڙيسري ملڪ افغانستان ڏانهن هجرت ڪري هلجي. مسلماني واري جوش جذبي سان سنڌ جا هزارين ماڻهو پنهنجون زمينون نيلام ڪري، گهر گهاٽ، دڪان، ڪاروبار کپائي رئيس المهاجرين بيريسٽر جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻي ۾ افغانستان ڏانهن ڪاهي پيا.
مون ڪٿي پڙهيو هو ته انهن ئي خلافت تحريڪ جي پانڌيئڙن منجهان هڪڙي همراھ جي گهرواري ريل ۾ گذاري وئي ته پويان هڪڙو ٿَڃ پياڪ ٻالڪ پيءُ جي هٿن ۾ بک کان روئڻ لڳو ته ان همراھ اٽڪ پُل وٽان پنهنجي ان ابھم ٻارڙي کي درياھ ۾ اڇلائي ڇڏيو ته اڳيان واري ڏکئي سفر ۾ هونئن ئي اهو ٻار مري ويندو ۽ ان هجرت واري پاڻمرادي ياترا ۾ انهن هزارين سنڌي ماڻهن سان ڇا وهيو واپريو، اهو تاريخ جي پَنن ۾ اڃا تائين رڙيون ڪري ٻڌائي رهيو آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ کان وڌيڪ ماءُ جي هنج جهڙو ٿاڪ ڪائنات ۾ ٻيو ڪٿي به ڪونه آهي.!
جن افغانين هجرت ڪندڙ سنڌين کي خط لکي پاڻ ڏانهن گهرائڻ لاءِ سنيها پئي موڪليا، ۽ جڏهن اهي هجرت ڪندڙ سنڌي افغانستان جي دروازي تي پهتا ۽ بعد ۾ افغانستان وارن ساڻن ايڏو ته دردناڪ رويو اختيار ڪيو جو ڪيترائي هجرت جا متوالا ڏک، تڪليفون برداشت نه ڪندي موت جي منهن ۾ هليا ويا ۽ هزارن مان گهٽجي چند سَوَن جي تعداد ۾ وڃي باقي بچيا، اُڃ بُک، خودساخته جلاوطني، ميزبان ملڪ جي بي رحم مالڪن جي بي رُخي ۽ ان سڀ کان وڌيڪ اهو ڪَرب ته ھُو پنهنجي واپسيءَ جا سڀئي ٻيڙا ساڙي ان سفر تي نڪتا هئا.
پنهنجي وطن سنڌ کان لاتعلقي انهن پاڻمرادن مهاجرن کي ايترو ته دلشڪستو ڪري ڇڏيو جو سندن اڳواڻَ سنڌ ڏانهن موٽڻ بجاءِ هند ۾ اجمير واري پير خواجه معين الدين چشتي جي درگاھ لڳ قبرستان ۾ پاڻ کي مِٽيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. جي ها، اهي ئي افغاني ميزبان…..! جيڪي جنرل ضياءَ جي مھرباني سان سنڌ سميت سموري پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڻ سَڏيا مهمان بڻجي پکڙجي ويا. نه رڳو پکڙجي ويا، پر ڌرتيءَ جي مالڪن کان به وڌيڪ وسيلن جا مالڪ بڻجي ويهي رهيا ۽ اهو ئي جنرل ضياءُ، جنهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ اردن ۽ لبنان اندر پنجويهن هزارن کان به وڌيڪ مسلمان فلسطيني مهاجر آپريشن ۾ ماري ڇڏيا.
۽ بعد ۾ کيس اسلامي ڀائيچاري ۽ انساني بنيادن تي هجرت جي ايتري ته ڳڻتي ورائي وئي جو هن سرد جنگ واري زماني ۾ هزارين افغانين کي پاڪستان ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي نه رڳو قيام جي اجازت ڏني، پر کين پاڪستان جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ پکڙجڻ جي کليل اجازت ڏني وئي، کين ڪاروبار ڪرڻ کان وٺي ملڪيتون خريد و فروخت ڪرڻ جي به جيئن جو تيئن ڇُوٽ ملي وئي. اهي افغاني پشاور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي، حيدرآباد سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ائين والار ڪري ويهي رهيا جهڙوڪ انهن کي دستاويز تي لکيل اها پڪ ڏني وئي هجي ته کين ڪڏهن به موٽي پنهنجي ملڪ ناهي وڃڻو،
مقامي آبادين سان سندن ورتاءُ ڪنهن به ريت برداشت جوڳو نه رهيو، هو پناهگير بدران پاڻ کي وسلين جو اصل مالڪ سمجهڻ لڳا، قبضا گيري، غيرقانوني ڪاروبار ۽ ٻين ناجائز سرگرمين سان انهن پنهنجو اميج نهايت ئي قابل نفرت بڻائي ڇڏيو.خاص ڪري سنڌ جي وڏن شهرن ۾ غيرقانوني طور مسلط ٿيل اهي پناهگير سنڌ جي معيشت ۽ ڊيموگرافي لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيا آهن.
ايتري تائين جو انهن مان ڪي ته ڪوڙا ڪارڊ، تعليمي سندون حاصل ڪري پوليس، هيلٿ ۽ تعليم کاتي ۾ نوڪريون ڪرڻ لڳا، ٻيو ته ٺهيو پر اليڪشن ذريعي چونڊجي ادارن جا مالڪ به بڻجي ويهي رهيا ۽ سوچڻ جي ڳالهھ اها آھي ته آخر انهن ٽانڊو کڻڻ لاءِ ايندڙن کي بورچي خاني سميت گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين رسائي ڪيئن ملي وئي؟ان جو جواب آهي ته ووٽ جي لالچ ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ وڌائڻ جا خواهشمند ڀوتار، چند ٽَڪن جي رشوت خاطر پنهنجي ايندڙ نسل جي مستقبل کي داءَ تي لڳائيندڙ ڪاموراشاهي، ۽ اسلامي ڀائيچاري جي نالي تي سدائين زميني حقيقتن کان منهن موڙيندڙ مذهبي پيشوائن ئي انهن افغانين سميت سمورن غيرقانوني پناهگيرن کي پاڻ مٿان مسلط ڪري ڇڏيو جو اڄ اهي نگران حڪومت جي سمورين ڪوششن باوجود به مڪمل طور تي هتان نڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
ويجهي ماضيءَ ۾ جڏهن به ڪنهن ڌُر انهن غيرقانوني افغان پناهگيرن جي ڇڙواڳ ڪاھ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته پهريان اهو مذهبي طبقو ئي هيو جنهن افغانين جي صرف ڏاڙهي ۽ پَٽڪي واري سڃاڻپ کي پنهنجي اکين تي رکي نه رڳو انهن جي حمايت ڪئي، پر کين سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ پنهنجي خاندان جي ڀاتي طور به سڃاڻپ ڏئي کين نادرا وٽ رجسٽر ڪرائڻ ۾ سهولت پيش ڪئي. ۽ پنهنجي اُن مذهبي حُليي باوجود ڀلي کڻي اهي افغاني نشي ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ ڪندا رهن. ۽ هاڻي جڏھن نگران حڪومت پاران ان ڌاري لوڌ کي موٽائي سندن پنهنجي ملڪ ڏانهن مُنهن ڪرايو پيو وڃي ته پاڻ کي انٽرنيشنل سُرخ سياست جا علمبردار سمجهندڙ گروپ ڏهاڪن جي ننڊ مان هڪدم ڇرڪ ڀري جاڳي پيا آهن ۽”مزدور مزدور“ وارو راڳ آلاپي سوڳ ۾ وٺجي ويا آهن ۽ اهي مزدورن جا نام نهاد علمبردار جيڪي ڪڏهن پنهنجي سنڌي قوم جي مزدورن جي حقن لاءِ هڪ لفظ به ڪونه ه ڪُڇيا، جن ڪڏهن افغاني پناهگير دهشتگردن هٿان حيدرآباد ۾ قتل ٿي ويل پورهيت بلال ڪاڪا جي ناحق خون تي ٻه لفظ ڳالهائڻ به گوارا نه ڪيو،جن ڪڏهن ڪراچي جي فيڪٽرين مان سنڌي مزدورن جي جبري بيدخلي خلاف هڪڙو مظاهرو به نه ڪيو انهن کي هڪدم افغانين جي صورت ۾ مزدور الائي ڪٿان نظر اچي ويا.!؟
سنڌ ۾ لکين مزدور موجود آهن، جيڪي مزدور اِبن مزدور هئڻ باوجود ٻن ويلن جي ماني به پنهنجي گهر ڀاتين کي ڏئي سگهڻ ۾ پورا نٿا پون، ۽ هي سوڪالڊ”افغان مزدور“ ٻن سالن اندر ئي پلاٽن، دڪانن، گاڏين ۽ حويلين جا مالڪ ڪيئن ٿا بڻجي وڃن؟ سرحد ۽ بلوچستان جي افغان نسل پٺاڻ سياستدانن سميت سنڌي ماڻهن جي ووٽ تي ستر واري ڏهاڪي کان وٺي وقفي وقفي سان سنڌ مٿان اقتداري راڄ ڪندڙ پيپلزپارٽي پڻ انهن قابض پناهگيرن جي حق ۾ قدم کڻڻ لاءِ پر ساهي ورتا آهن،ماضيءَ ۾ بهارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ ڪاهي ايندڙن مان اهائي اميد رکي سگهجي ٿي.
ڪراچي مان چونڊيل پيپلزپارٽي جي هڪڙي ايم اين اي ۽ سينيٽر بابت ته اهو به چيو وڃي ٿو ته ھُو رات جي اونداهيءَ ۾ نادرا جا دفتر کولائي غيرقانوني آباد پناهگيرن جا شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ ملوث رهيا آهن. ۽ افغانين لاءِ هميشه اهو مشهور ڪيو ويو آهي اهي وڏا مهمان نواز ۽ دلير ٿيندا آهن، سندن مهمان نوازي ته پاڻ هن مضمون جي منڍ ۾ ئي بيان ڪري چڪا آهيون، پر هو دلير وري ايترا آهن جو هڪڙي گولي هلڻ تي به پنهنجو ملڪ ڇڏي پاڙيسري ملڪن طرف منهن ڪري ڀڄڻ ۾ دير ئي ڪونه ٿا ڪن. ان معاملي کي رڳو مقامي نه پر عالمي رخ سان به ڏِسڻ جي ضرورت آهي. اوهان ڏِٺو ۽ محسوس ڪيو هوندو ته جڏھن کان وٺي حڪومت پاران غيرملڪين جي نيڪالي جي ڳالھه ڪئي وئي آهي ته مين اسٽريم ميڊيا عرف دنيا مٿان راڄ ڪندڙ عالمي ميڊيا جي وڏن ادارن بي بي سي، سي اين اين، وائيس آف آمريڪا سميت سمورن بااثر چينلن هڪ پروپيگنڊائي نظام شروع ڪري ڏنو آهي،
جنهن مطابق کين پاڪستان منجهان افغانين جي نيڪالي جو وڏو درد کائي ويو اٿن، ڪوڙن افغاني فنڪارن، بوگس افغاني شاگردياڻين، هٿ ٺوڪين رقاصن جون من گهڙت اسٽوريون هلائي اهو ثابت ڪرڻ ۾ رُڌل آهن ته سڀئي افغاني پناهگير جيڪڏھن افغانستان واپس ويا ته طالبان هٿان مارجي ويندا، اها عالمي راند انهن ئي عالمي چوڌرين جي شروع ڪيل آهي، جن افغانستان کي جنگ جو ميدان بڻايو، ۽ هاڻي اهي چاهين ٿا ته سندن ان جنگ جي متاثرن کي ازالي طور پاڪستان جا وسيلا ڏئي کين آباد ڪيو وڃي.
جڳ مشهور صحافڻ اوريانا فلاچي جڏهن فلسطين جي آزاديءَ جي سورهيه سرويچ ياسر عرفات جو انٽرويو ڪندي کيس چيو ته” ابو عمار (ياسر عرفات جو تنظيمي نالو).! هي جنگ اوهانجي آهي، اسان جي نه، اسين صرف تماشائي آهيون.گهڻي ڀاڱي يورپي آبادي يهودين سان محبت ۽ همدردي رکي ٿي، ڇوته اسان کين سزائون ڪاٽيندي ڏٺو آهي، اسان کين سزائون ڏنيون آهن، اسين نٿا چاهيون ته ساڻن ٻيهر ائين ئي ٿئي.ياسر عرفات _ يقينن اوهانکي هنن جو قرض لاهڻ گهرجي، ڇوته اوهان ئي سندن مجرم آهيو،پر اوهين سندن اهو قرض اسانجي رت ۽ اسان جي ڌرتيءَ کان وصول ڪري کين ڏيڻ چاهيو ٿا، بجاءِ پنهنجي رت ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي“.
بلڪل ساڳي طرح اهي عالمي طاقتون پنهنجي ان جنگي جرم جو ازالو ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي افغانين جو نئون اسرائيل بڻائڻ لاءِ ڪڏهوڪو پلان جوڙيون ويٺيون آهن.ٽي وي چينلن سان ڳالهائيندي هاڻي اهي افغاني پناهگير پاڻ کي سچا پاڪستاني سڏائڻ لاءِ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙين ٿا، جڏھن ته حقيقت ۾ حيدرآباد اندر بلال ڪاڪا جي شھادت واري واقعي کانپوءِ ڪراچي جي سهراب ڳوٺ، دائود چورنگي، جمالي پل وغيره جي علائقن ۾ اهي ئي افغاني افغانستان جا جهنڊا جهولائي ادارن جا ڏند کَٽا ڪري رهيا هئا.
هونئن به جيڪڏهن اسان جي مذهبي ڌرين موجب افغانستان ۾ هاڻي هڪ خودمختيار ۽ شرعي سرڪار قائم ٿي چڪي آهي ته کين گهرجي ته ھُو پنهنجي پَٽي ڀائي افغانين کي افغانستان وڃي خوشحال ۽ باشريعت زندگي گذارڻ لاءِ راضي ڪن ۽ نگران حڪومت کي وڌيڪ گذارش اها آهي ته رڳو افغاني پناهگير ئي نه پر ڪراچي ۾ غيرقانوني طور تي آباد ٿيل بنگالين، بهارين ۽ برمين کي به واپسي جي ٽڪيٽ وٺرائي.اهي ئي غيرقانوني بنگالي ۽ برمي، جن ٿورو ئي وقت اڳ ڪراچيءَ جي هڪ غيرقانوني وستيءَ ۾ ٻِن سنڌي انجنيئرن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو هو.ان سان حڪومت جي ان موقف جي به تائيد ٿي پوندي ته هي ملڪ نيڪالي رڳو افغانين ئي نه پر سمورن غيرقانوني طور تي آباد ٿيل غير ملڪي پناهگيرن لاءِ ساڳي ئي پاليسي رکي وئي آهي.!