وڌندڙ دھشتگردي جي واقعن کي فوري روڪڻ جي ضرورت

ملڪ ۾ جنھن تيزي سان دھشتگردي جا واقعا ٿي رھيا آھن. ان مان لڳي ٿو تھ ھڪ ڀيرو ٻيھر دھشتگردي سرگرميون  وڌي ويون آھن.ڪافي ڏينھن کان ھٿياربندي فوج اھڙين ڪارروائين کي منھن ڏئي رھي آھي پر تازو مھيني کن ۾ اھڙن واقعن ۾ تيزي ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي.جنھن ڪري عوام ۾ خوف پيدا ٿيڻ ھڪ لازمي امر آھي.گذريل ڏينھن ميانوالي ۾ ھڪ اھڙي نوعيت جو واقعو پيش آيو.جنھن بعد  سيڪيورٽي فورسز، پي اي ايف ٽريننگ ايئر بيس ميانوالي ۾ ڪومبنگ اينڊ ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪري 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي.

آءِ ايس پي آر مطابق ڇنڇر ڏينهن صبح جو بيس تي بزدلاڻي ۽ ناڪام دهشتگرد حملي کان پوءِ ويجهي علائقي ۾ ڪنهن به امڪاني خطري کي منھن ڏيڻ  لاءِ سيڪيورٽي فورسز طرفان آپريشن ڪيو ويو. پي اي ايف جي فنڪشنل آپريشنل اثاثن مان ڪنهن کي به نقصان ناهي پهتو، جڏهن ته حملي دوران صرف 3 غير آپريشنل جهازن کي نقصان پهتو آهي. آپريشن جي فوري ۽ پيشيواراڻي پڄاڻي امن جي سمورن دشمنن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج تيار رهندي آهي ۽ ڪنهن به خطري کان وطن جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

ياد رھي تھ پاڪ فوج پاڪستان ايئر فورس ٽريننگ ايئر بيس ميانوالي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق دهشتگردن بيس  تي صبح سوير حملي جي ڪوشش ڪئي. پاڪ فوج جي وقت سر ڪارروائي جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. ان حملي ۾ پهرين کان گرائونڊ ڪيل 3 جهازن ۽ فيول بائوزر کي نقصان پهتو جڏهن ته جوانن اثاثن جي حفاظت کي يقيني بڻايو.گڏيل ڪليئرنگ ۽ ڪومبنگ آپريشن دوران باقي 3 دهشتگردن کي گهيري ۾ آندو ويو. پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ آھي جيڪو ڪافي وقت کان دھشتگردي جو نشانو بڻجندو رھيو آھي.جنھن جو وڏو سبب افغانستان ۾ غيرملڪي مداخلت ۽ اتي جون حالتون رھيو آھن.جڏھن تھ پاڪستان ۾ پڻ طالبان جي قبضي ڪرڻ ۽ ڪي پي ڪي، ڪجھھ علائقن تي قبضو ڪري اتي حڪومتي رٽ کي چئليج ڪرڻ جھڙا واقعا پڻ ان تسلسل جي ھڪ ڪڙي رھيا آھن.گذريل مهيني کن  کان  ڪنھن نھ ڪنھن ھنڌ تي پاڪ فوج پاران دهشتگردن خلاف ڪيل ڪارروايون منظرعام تي اچي رهيون آهن پر دهشتگردي جا ڪجهه واقعا خوفناڪ ٿين پيا.جيڪي ڇرڪائي وجھن ٿا.

اڳي جيان ھن ڀيري پڻ دهشتگرد ملڪ جي ٻن صوبن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وري ڪر کڻي رھيا آهن تازو  بلوچستان جي علائقي پسني کان مري ويندڙ سڪيورٽي فورسز جي ٻن گاڏين تي دهشتگردن جي حملي ۾ 14 جوانن جي شهادت جو انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو ھو.

جنهن سڄي قوم آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب دهشتگردن پاڪ فوج جي قافلي تي حملو ڪيو ھو.ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ انشاءَ الله جلد قوم کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي کان ڇوٽڪارو ملي  ويندو.تنھن کانسواءِ  گذريل ڏينهن ڊيرا اسماعيل خان ۾ بھ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن کي کڻي ويندڙ گاڏي ڀرسان موٽرسائيڪل ۾ نصب آءِ اي ڊي، بم ڦاٽڻ  ۽ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا ھئا ۽ 21 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پوليس ذريعن موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس وين اهلڪارن کي کڻي کلاچي وڃي رهي هئي اھا گاڏي جڏھن  ٽانڪ اڊا چوڪ وٽ پهتي ته روڊ جي ڪناري تي موٽرسائيڪل ۾ فٽ ڪيل، آءِ اي ڊي.، بم ڦاٽي پيو. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز  علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ شاهديون گڏ ڪيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي وڌيڪ ٻن واقعن ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا. ان سلسلي ۾ جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن ۾  ٽي ٽي پي جو آپگهاتي بمبار اسامھ بھ شامل هو، دهشتگرد حملي جي رٿابندي ڪري رهيو هو. علائقي ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو جوڙي رھيو ھو. ٻيو واقعو ضلعي لڪي مروت ۾ پيش آيو، جتي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جڏهن ته ڇنڇر واري صبح پنجاب صوبي جي شهر ميانوالي ۾ پاڪ فضائيه جي ٽريننگ ايئر بيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو.

ملڪ ۾ ھن وقت ٿيندڙ دھشتگردن وارا واقعا ماضي جي انھن حالتن جو ھڪ تسلسل آھن،جنھن جي لاءِ اختيارين کي ٻھ آپريشن پڻ ڪرڻا پيا ھئا.جنھن بعد اھو چيو ويو ھو تھ ھاڻي ملڪ مان مڪمل طور تي دھشتگردن جي پاڙ پٽجي وئي آھي.ھاڻوڪي دھشتگردي جي لھر جو تعلق ڪي مبصر افغانستان ۾ اقتدار ۾ آيل طالبان جي پاليسي کي قرار ڏئي رھيا آھن.ان جو ھڪ ٻيو پاسو ھي بھ آھي تھ ھن کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جنھن طرح سان ٽي ٽي پي، جي ماڻھن کي رعايت ڏئي ڪري واپس پاڪستان ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وئي ان سان حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آھن.جئين تھ طالبان توڙي ان کان اڳ واري افغانستان جي حڪومتن پاڪستان سان ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ڪري رکيو ھو.جنھن ڪري اھڙا واقعا ھن پاسي ٿيندا رھندا ھئا.پر ٻھ سال اڳ جڏھن افغانستان مان آمريڪا ۽ اتحادي فوج واپس ھلي وئي تھ، ملڪ ۾ دھشتگردن خلاف ڪيل آپريشن دوران افغانستان فرار ٿي ويل ٽي ٽي پي، وارن کي واپس پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ اھڙو ڪو ڳجھو معاھدو ڪيو ويو ھو جنھن ڪري انھن کي اچڻ جو موقعو مليو ھو.

دهشتگردن جي سرگرمين ۾وڌڻ جي ڪري انھن خلاف ھر وقت چستي واري ردعمل ۽ انھن کي اثرائتي نموني منھن ڏيڻ جي ضرورت آھي جيئن حالتون ھٿن مان نھ نڪرن  ۽ وري ائين نھ ٿئي جو ان بعد وري ھڪ ڀيرو ٻيھر  دهشتگرديءَ خلاف وڏي پئماني جا ضرب عضب ۽ ردالفساد جھڙ آپريشن ڪرڻا پون.

اھو عين ممڪن ھجي تھ دھشتگردن وٽ ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن جي ڪري پڻ اھڙين ڪارروائين ڪرڻ جو ٽارگيٽ ذھن ۾ ھجي پر ملڪ جي فوج ۽ ڪمانڊ مان اھا توقع آھي تھ اھي فوري ڪارروائي ڪري اھڙن معاملن کي منھن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.