ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي 35 سالن جي قومي جدوجھد جو سفر

حاجن ڪلهوڙو

هر سال جيان هن سال پڻ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي 35 هين بين الاقوامي سالياني ڪانفرنس، لنڊن جي مشھور يونيورسٽي آف ويسٽ منسٽر  ۾ ڇنڇر، 28 آڪٽوبر  2023ع تي منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ آمريڪا، ڪينيڊا، انڊيا، سوئيڊن، ۽ سنڌ مان مختلف سياسي، سماجي ۽ قومي تنظيمن جي اڳواڻن سميت اديبن، دانشورن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس ۾ انگليند جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان تمام گهڻي تعداد ۾ نوجوان شاگردن ۽ ڪيترن ئي ڪٽنبن سنڌ ماءُ سان محبت واري جذبي سان سرشار ٿي شرڪت ڪئي. سنڌ جي ثقافتي ويس ٽوپي اجرڪ اوڍيل نوجوانن ۽ ٻارن جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان هو.

پروگرام جي شروعات ۾ مهمانن جو پُرجوش آڌر ڀاءُ فهميده بلوچ ۽ رخسانا ڀٽو ڪيو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر حفيظان وڌيو ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ڪانفرنس جي پوئين پنجٽيھ سالن جي تاريخي پسمنظر ۽ موجوده سياسي، سماجي سرگرمين تي روشني وڌي. ان کان پوءِ  سنڌي هندو نياڻين جو جبري مذهب تبديل ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي وسيلن، ناانصافي تي ٻڌل ان جي ورڇ ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿيل انتظامي ڍانچي جھڙن سنڌ جي انتھائي اهم ٻرندڙ مسئلن تي ڊاڪيومينٽري ڏيکاري ويئي.

ڪانفرنس جي پهرئين ويهڪ ۾ مقامي طور تي ڪم ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن پنهنجي سياسي ۽ سماجي سرگرمين بابت آگاهي ڏني. انهن پنهنجي تقريرن ۾ سنڌ جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ سان لاڳاپيل هر سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ واري پنهنجي وچن کي ورجايو. ڪانفرنس ۾ سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ تنظيمن سان گڏ بلوچستان جي حقن لاءِ ڪم تنظيمن پڻ شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس جي ٻئين ۽ ٽئين ويهڪ ۾ سنڌ جي موجوده صورتحال تي نهايت ئي گهرائي سان ماهرن پنهنجا ويچار ونڊيا. ان کان سواءِ سنڌ جي حق خوداراديت واري موضوع تي پروفيسر اشتياق احمد، پروفيسر فيونا مڪينل، حسن دوست بلوچ ، قمبر بلوچ ۽ ڊاڪٽر لکو لوهاڻي ڳالهائيندي چيو ته، سنڌ جون حالتون ڏينهون ڏينهن بد کان بدترين ٿي رهيون آهن، ماڻهن جي مالي حالت اها آهي جو انهن وٽ هڪ ويلي جي ماني کائڻ جيتري طاقت ڪونهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي زرخيز ۽ آباد زمينن تي "ميگا سٽي” جي نالي ۾ بحريه ٽائون ۽ "ڊي ايڇ اي سٽي” جهڙا وڏا پراجيڪٽ شروع ڪري سنڌ جي ڊيموگرافي (آباديءَ جي توازن) کي تبديل ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف قبضا خور مافيا 1.3 ملين ايڪڙ سامونڊي پٽي جون زمينون ترقيءَ جي آڙ ۾ قبضو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. هڪ طرف ڌارين جي للڪار آهي ته ٻي طرف ڪوڙي آدمشماري ڪري هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. انهن مسئلن خلاف سنڌي قوم کي پنهنجي خوداراديت لاءِ مسلسل گڏيل ۽  پائيدار جدوجهد ڪرڻي پوندي. سنڌ اسان جو وطن آهي، پر ان جا دشمن روز نيون رٿون رٿي اسان کي پنهنجي ڌرتي تي سوڙهو ڪري رهيا آهن.

سنڌي قوم کي پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ڪرڻي پوندي نه ته ريڊ انڊين وانگر پنهنجي ڌرتيءَ تي لاوارث ٿي وينداسين، وطن هوندي بي وطن ٿي وينداسين.

ڪانفرنس ۾ پروفيسر رفيق چانڊيو سنڌ جي اقتصادي صورتحال تي تفصيلي گفتگو ڪئي. وينگس سنڌي هندو نياڻين جي جبري طور مذهب تبديل ڪري اڳواٽ شادي شده اجنبي مردن سان زوريءَ ٻي شادي ڪرائڻ واري عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن ڳالهائيندي چيو ته، گذريل ڏهن سالن کان آئون سنڌ جي سنجيده مسئلن  تي ڪم ڪري رهي آهيان، جنهن مان اهو سکي آهيان ته، ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جو ڪو نالو نشان نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته، مذهبي انتها پسند ماڻهن کي رياست جي مڪمل سرپرستي حاصل آهي، حڪومت جي آشيرواد سان هڪ خاص ايجندا تحت هندو سنڌين لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي.

ڪانفرنس ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي اڳواڻ، حارث خليق انساني حقن جي مجموعي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.ڪانفرنس ۾ سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ڳالهائيندي چيو ته، اسان سڀني جا گڏيل مقصد سنڌ جي سلامتي، خوشحالي ۽ آجپو آهي، ان لاءِ اسان کي گڏيل طور تي انٽرنيشنل الائنس ٺاهڻ گهرجي، اچو ته اهڙي اتحاد لاءِ راھ هموار ڪيون.ڪانفرنس ۾  سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ يڪراءِ قرادادون پاس ڪيو ويون.

ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئر پرسن ڊاڪٽر روبينا شيخ چيو ته، اسان سڀ معنيٰ خيز جدوجھد ڪري سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏئي سنڌ جي سلامتي، خوشحاليءَ ۽ آجپي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.

ان کان سواءِ ڪانفرنس ۾ ڀارت کان آيل نارائڻ بابلاڻي، شهزادو وڌيو، ڊاڪٽرصغير شيخ، اميد لغاري، حاجن ڪلهوڙو، فرحان ڪاغذي، گل سنائي، فهميده بلوچ ،چندرو گدومل ، ويد لوهاڻو، فراز احمد کوکر، فراز احمد ۽ حفيظان وڌيو پڻ خطاب ڪيو.بهترين شاعر سميع بلوچ، حارث خليق پنهجي شاندار شاعري پيش ڪئي.

ڪانفرنس جي آخر ۾ محفل موسقي جو پروگرام رٿيل هو. ناٿن ٽورينس، جيڪو ننڍپڻ کان سنڌي موسيقي ۽ ثقافت سان پيار ڪري، ان ئي پيار ۾ هن استاد اڪبر خميسو خان کان الغوزو وڄائڻ جي سکيا ورتي آهي. ناٿن ٽورينس الغوزو تي سنڌي ڌن ڇيڙي حال ۾ نج سنڌي ساز سان سرن جي سرهاڻ پکيڙي ڇڏي. سندس خوبصورت وڄت سنڌ وطن سان محبت ڪندڙن جي دلين ۾ وطن جي سار واري خوشبوءِ کي وڌيڪ توانو ڪري ڇڏيو. ناٿن پنهنجي پيار ۽ نوڙت واري سلوڪ سان سڀني جي دلين کي موهي ڇڏيو.

سنڌ جي سڪ ۾ ڀارت کان آيل پوجا وزيراڻي پنهنجي خوبصورت آواز سان هال ۾ موجود ٻڌندڙن کي موهي ڇڏيو. ڊاڪٽر روبينا شيخ ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀني مهمانن جا ٿورا مڃي ڪانفرنس جي پڄاڻي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.