ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽر+بيورو ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ڪراچي جي سچل ٿاڻي جي حد مدينا ڪالوني ۾ پوليس پاران سرچ آپريشن دوران 15 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائي دوران گهر گهر تلاشي ورتي وئي. پوليس موجب گرفتار ڪيل غير قانوني پرڏيهين کي هولڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيو پيو وڃي. پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ به غير قانوني پرڏيهين کي هولڊنگ ڪيمپس منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران طورخم ذريعي 9 هزار پرڏيهي وطن واپس پهچي ويا.افغان ڪمشنر موجب هولڊنگ سينٽر تي نادرا عملي افغانستان واپس ويندڙن جي ڊيٽا گڏ ڪئي.افغان ڪمشنر جو چوڻ آهي ته پهرين آڪٽوبر کان 156,000 افغان شهري افغانستان ويا آهن، جڏهن ته جمعي تي طورخم بارڊر تان 12,689 غير قانوني شهري افغانستان واپس آيا.