وڳڻ (علي گل مغيري ) لاڙڪاڻي جي نئين مقرر ٿيل ڊي آءِ جي آفتاب ناصر پٺاڻ جي حڪم تي پوليس وڳڻ ۽ آسپاس ۾ ڪارروائيون ڪري غيرقانوني ترسيل 3 افغانين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ٿيل ۾ ولايت خان، محمد عزيز ۽ يار خان پٺاڻ شامل آهن، گرفتار افغانين کي ضروري ڪارروائي بعد ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ حوالي ڪيو ويو آهي جڏھن ته وڳڻ پوليس داخلي ۽ خارجي مُک رستن تي چيڪنگ شروع ڪري ڇڏي آھي، ٻي پاسي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارروائين کان اڳ وڳڻ جي علائقي ۾ 60 کان وڌيڪ غير ملڪي رھندڙ ھئا جن جا شھر ۾ ڪاروبار پڻ ھئا جيڪي حڪومت پاران ڏنل مھلت کان ڪاروبار بند ڪري ويا آھن جن بابت اطلاع آھن ته ٻھراڙين ۾ لڪيل آهن ھوڏانھن ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ آصف رضا بلوچ ڌارين جي گرفتارين لاءِ ٽيم جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ٻھراڙين ۾ افغانين خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪندي.