نگران حڪومت افغانين کي پنهنجي ڏيھه موڪلڻ ۾ سنجيده ناهي: صنعان قريشي

ڪراچي ( پ ر) بحريا ٽائون ڪيس جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪراچي سينٽرل جيل ان سائيڊ اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ پيش ٿيو، ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 18 نومبر جي تاريخ ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ڪورٽ ٻاھران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سان عشق جي ڏوھ ۾ دهشتگردن لاءِ قائم ٿيل ڪورٽن ۾ بيٺو آهيان، هن چيو ڪيس سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بابا بشير قريشي تي به داخل ٿيندا هئا، جيڪڏهن منهنجي مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا ته مان فخر ٿو سمجهان. هن وڌيڪ چيو ته موجوده نگران حڪومت افغانين کي پنهنجي ڏيھ موڪلڻ ۾ سنجيده ناهي، نگران سرڪار رڳو ميڊيا ۾ اشتهار ۽ بيان ڏئي رهي، هنن وٽ افغانين کي واپس موڪلڻ جو ڪو به پلان يا رٿا بندي ناهي ٿيل، سرڪاري الٽيميٽم کان پوءِ ڪراچي، حيدرآباد ڄامشورو، ڪوٽڙي ٺٽي سميت سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪا به ڪارروائي نظر نٿي اچي. ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ۾ افغانين جون سرعام بستيون قائم آهن پر سرڪار کي نظر نٿيون اچن! جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو آهي ته سرڪار نٿي چاهي ته سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ڇاڪاڻ جو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻو آهي! سنڌين جي مرضيءَ کان سواءِ جعلي ڊجيٽل آدمشماري ڪئي وئي!سنڌ جون قمتي زمينون وڪرو ڪري ڌارين کي ڏنيون ويون پيو، بحريا ٽائون سميت سوين غير قانوني هائوس اسڪيمون جوڙيو ويون آهن ملڪ رياض انٽرنيشنل فراڊي آهي جنهن کي ڪراچي ملير، ڄامشورو ڪوهستان جي قديمي زمين غير قانوني طريقي سان ڏني وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.