اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان غزا ۾بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ فوري جنگ بندي جي ضرورت تي زور ڀريندي اسرائيل سان فلسطيني عوام جي جاري ”نسل ڪشي“ روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ فلسطيني علائقن جي صورتحال تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته گهيراءَ ۾ ورتل غزا ۽ فلسطيني علائقن ۾ جنگ بندي ضروري آهي. پاڪستاني نمائندي چيو آهي ته اسان کي واضح لفظن ۾ اسرائيل کي ٻڌائڻو پوندو ته هو فلسطينين جي نسل ڪش بند ڪري. گڏيل قومن جي انساني همدردي جي ڪو آرڊينيٽر مارٽن گريفٿس ۽ وچ اوڀر جي امن عمل لاءِ ڊپٽي اسپيشل ڪو آرڊينيٽر لين هيسٽنگز جنهن ويجهڙ ۾ فلسطيني علائقن جو دورو ڪيو آهي. پاڪستان جي نمائندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسرائيلي هولوڪاسٽ جو شڪار ٿيڻ باوجود هاڻي فلسطينين خلاف ”جديد نسل ڪشي“ ڪري رهيا آهن.
اسلام آباد ايئرپورٽ تي جهاز لينڊنگ دوران جهنگلي جانور سان ٽڪرائجي ويو
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي، ته اسلام آباد ايئرپورٽ تي جهاز جي لينڊنگ دوران جهنگلي جانور جي ٽڪراءَ جو واقعو پيش آيو. ان کي جهاز جو حادثو چوڻ درست ناهي. پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق دبئي کان اسلام آباد ايندڙ فلائيٽ رات جو 11 لڳي 51 منٽن تي لينڊنگ ڪئي. لينڊنگ کان پوءِ پائليٽ رن وي 28 ايل تي لينڊنگ رول دوران نوزو هيل سان جانور جي ٽڪرائجڻ جو اطلاع ڏنو. رن وي جي معائني تي ٽيڪسي وي سي ۽ ايف وچ ۾ مئل جانور جي باقيات ڏٺي وئي.
راجا پرويز اشرف پاران ايئر بيس تي دهشتگرد حملي جي مذمت
اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف ميانوالي ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ٽريننگ ايئر بيس تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. اسپيڪر ميانوالي ايئر فورس ٽريننگ ايئر بيس تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بزدلاڻين ڪارروائين جو سهارو وٺي رهيا آهن. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي واقعن ۾ تيزي سان دشمن جا ناپاڪ عزم واضح آهن. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.
برگيڊيئر(ر)حارث نواز پاران فرانزڪ ليبارٽري جو دورو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ڪراچي يونيورسٽي جي احاطي ۾ ٺاهيل سنڌ فرانزڪ ڊي اين اي اينڊ سيرولوجي ليبارٽري (ايس ايف ڊي ايل) جو دورو ڪيو. هن ڊاڪٽر پنجواڻي سينٽر فار ماليڪيولر ميڊيسن اينڊ ڊرگ ريسرچ (PCMD) جي ڪردار کي ساراهيو. گهرو وزير چيو ته SFDL صحيح ۽ بروقت تجزين جي نتيجن ۽ ثبوتن تي ٻڌل انصاف جي نظام جي فراهمي ۾ سهڪار ڪري رهي آهي، ان موقعي تي ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر خالد محمود عراقي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر/انچارج SFDL ڊاڪٽر اشتياق احمد خان، پروفيسر ڊاڪٽر عطا الرحمان، صدر لا ماءِ پروٽيڪٽر فوزيه طارق ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
نگران وزير پاران نارا ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران آبپاشي واري وزير ايشور لال پاڻي چورن خلاف ڪارروائي تيز ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تان پاڻي چوري جون شڪايتون ملڻ تي بروقت معاملي حل ڪيو ويو. نگران آبپاشي واري وزير نارا ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ جي خبر جو به نوٽيس وٺندي ايم ڊي سيڊا حيدرآباد پريتم داس کي هدايت ڪئي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪري ان کي حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ايشور لعل جي هدايت تي آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن فوري طور تي محبوب واهه خيرپور ايسٽرن سکر کاٻي پاسي ۾ غير قانوني ڪنيڪشن جي شڪايت ملڻ تي ان کي فوري ختم ڪري غير قانوني ڪنيڪشن ذريعي پاڻي چوري کي روڪيو ويو.