اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي ڪيس جي 31 آڪٽوبر تي ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. لکت حڪم نامي ۾ سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪري ڇڏيو. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت سڀني ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ٿي، عدالتي حڪم جي ڪاپي جيل ۾ عمران خان کي پهچائي وڃي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين پيش ٿيڻ چاهي ته جيل سپرنٽينڊنٽ انتظام ڪري. سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي موجب نيب ترميمن جي فيصلي خلاف ٻڌڻي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر جي تفصيلي فيصلي سان مشروط آهي، اٽارني جنرل ۽ سمورن صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين کي نوٽيس جيل سپرنٽينڊنٽ ذريعي موڪليو ويندو.