ڪراچي جي 20 مان 17 سيٽون کٽنداسين:مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي جي 20 مان 17 سيٽون کڻنداسين، جيڪڏهن  اسان وٽ ڪو ايندو ته ان آڏو 20 صفحن تي ٻڌل آئيني ترميمي دستاويز پيش ڪنداسين. ڪراچي جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڳوٺن ۽ يونين ڪائونسل کي خودمختيار بڻائڻو پوندو. اسان ٽي آئيني ترميمون چاهيون ٿا، اين ايف سي ايوارڊ مان پي ايف سي ايوارڊ چاهيون ٿا. مصطفي ڪمال چيو ته يونيورسٽيون ۽ نصاب بيروزگار ماڻهو پيدا ڪري رهيا آهن، اسان کي نوڪري  ڳوليندڙ نه بلڪ نوڪري پيدا ڪندڙ جي ضرورت آهي، هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڀارت پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي. مصطفي ڪمال چيو ته  اسرائيل دهشتگرد ملڪ آهي جيڪو مظلوم فلسطينين تي ظلم ڪري رهيو آهي،  مصطفي ڪمال وڌيڪ چيو ته ڪراچي واسي صبح گئس ۽ رات جو بجلي جي بندش برداشت ڪري رهيا آهيون، اسان جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.