لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽريشن رد ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، نتيجي ۾ بيلٽ پيپر تي بيٽ جو نشان به نه هوندو، صحافي امداد سومري موجب عمران خان پاڻ سزا يافته آهي ان ڪري پارٽي سربراهه نٿو رهي سگهي. ان حوالي سان اليڪشن ڪمِشن ۾ هڪ شهري خالد محمود درخواست به داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ٻئي طرف عمران خان اڃان تائين ڪنهن کي پارٽي سربراهه مقرر ڪري ان جي نالي تي پي ٽي آءِ رجسٽر ڪرائڻ جي درخواست نه ڏني آهي. جنهن ڪري اهي امڪان وڌي ويا آهن ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي رجسٽريشن رد ڪري سگهي ٿي. ڇو ته ” فارين فنڊنگ “ جو به پي ٽي آءِ تي الزام آهي. رجسٽريشن رد ٿي ته پي ٽي آءِ اليڪشن ۾ حصو نه وٺي سگهندي.