مٿي جو سور هونئن ته عام مرض آهي جيڪو ٿڪاوٽ، گهڻي ڪم ڪار، ڪمپيوٽر اسڪرين توڙي موبائل اسڪرين کي گهڻو ڏسڻ يا وري اوجاڳو ڪرڻ ۽ گهڻي سفر جي ڪري ٿيندو آهي. جنهن مان ماڻهو ٿورو آرام ڪري يا ڪو هلڪو ڦلڪو علاج وٺي جند ڇڏائي سگهي ٿو.
پر اهو مٿي جو سور انتهائي خطرناڪ به هوندو آهي جيڪو ڪيترن ئي ماڻهن کي مرض وانگر چمبڙيل رهي ٿو، جنهن جا مختلف سبب ۽ مختلف قسم آهن جنهن لاءِ ضروري آهي ته ماڻهوءَ کي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر سان رابطو ڪري پنهنجو معائنو ڪرائڻ گهرجي.
 
			