ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس عقيل عباسي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيل تقريب دوران سينيئر جج جسٽس نديم اختر جسٽس عقيل عباسي کي عهدي جو حلف کڻايو، وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان جي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ بعد سينيئر جج جسٽس عقيل عباسي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس نامزد ڪيو ويو هو، حلف برداري جي تقريب ۾سينيئر ججن جسٽس شفيع صديقي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس ظفر راجپوٽ، جسٽس ارشد خان، جسٽس ارشده اسد ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه ۽ ٻين ججن توڙي وڪيلن شرڪت ڪئي.