لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ صداقت عباسي هڪ ٻيو انٽرويو به رڪارڊ ڪرايو آهي، جنهن ۾ هن وڌيڪ انڪشاف ڪيا آهن، نامياري صحافي سيد عمران شفقت موجب صداقت عباسي اڳ گم ٿيڻ بعد ڊان نيوز تي انٽرويو رڪارڊ ڪرايو هو ۽ اهم انڪشاف ڪيا هئا پر تازو هن هڪ ٻيو انٽرويو جيو نيوز چينل تي سليم صافي کي ڏنو آهي. جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته صداقت عباسي وڌيڪ اهم انڪشاف ڪيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سليم صافي سان صداقت عباسي وڌيڪ کليل نموني ڳالهايو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هي انٽرويو اڳ واري کان وڌيڪ ڇرڪائيندڙ آهي.