ڪراچي (رپورٽر) ڊاڪس پوليس امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام نيٽي جيٽي پل وٽ چوري جي واردات دوران سي فوڊ ڪمپني جي ملازمن کان 14 لک کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڪراچي جي علائقي نيٽي جيٽي پل وٽ ڏينهن ڏينهن ڏٺي جو لکين روپين جي ڦر جي واردات ٿي، واقعي خلاف سي فوڊ ڪمپني جي ملازم فراز ڊاڪس ٿاڻي تي شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي، واپاري فراز ٻڌايو ته 2 موٽرسائيڪلن تي 3 ڄڻا سوار هئا، ڪمپني جو سيڪيورٽي گارڊ به اتي موجود هو، موٽرسائيڪل سوار ڦورن اسلحي جي زور تي نيٽي جيٽي پل تي روڪي 14 لکن کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ۽ موجود سڪيورٽي گارڊ کان هٿيار به ڦر ڪري ويا.