ڊيرا اسماعيل خان ( م ڊ ) اينٽي ڪرپشن ۽ پوليس ڊيرا اسماعيل خان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي گهر تي ڇاپو هنيو. اينٽي ڪرپشن کاتي موجب علي امين گنڊاپور گهر تي ڇاپي جي وقت موجود نه هو پر سندس
استعمال ٿيندڙ 4 گاڏيون گهر ۾ موجود هيون. واضح رهي ته پي ٽي آءِ مرڪزي اڳواڻ علي امين گنڊاپور اينٽي ڪرپشن کاتي کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهي.
-
افغانستان ميچ کٽي پاڪستان کان پنجين پوئنٽ کسي ورتي
لکنئو ( م ڊ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 34هين ميچ ۾ افغانستان نيدرلينڊز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. لکنئو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان 180 رنسن جو گهربل هدف 32 هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. افغانستان جي ڪپتان حشمت الله 56 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. رحمت شاهه 52، ابراهيم زدران 20 جڏهن ته رحمان الله گرباز 10 رنسون ٺاهيون. عظمت الله 31 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. نيدرلينڊز طرفان لوگن وين بيڪ، وين ڊر مور ۽ ثاقب ذوالفقار 1-1 وڪيٽ ورتي. نيدرلينڊز جي پوري ٽيم 46.2 اوورن ۾ 179 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، اوپنر ويزلي بيريسي هڪ رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، افغانستان طرفان محمد نبي 3، نور احمد 2 ۽ مجيب الرحمان هڪ وڪيٽ ورتي.
-
نواز شريف جي قيادت ۾ عوام جي عدالت ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيون: شهباز شريف
اسلام آباد ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو نواز شريف جي قيادت ۾ عوام جي عدالت ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ وارن کي ڏوهن جي سنگيني ٻڌائي، مسلم ليگ ن واحد پارٽي آهي جنهن سڀ کان پهرين اليڪشن جو عمل شروع ڪيو. شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن الله موقعو ڏنو ته هو ملڪ ۾ ترقي جو عمل ٻيهر شروع ڪندا.
-
ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جاري، 284 رپيا 31 پئسا ٿي ويو
ڪراچي ( م ڊ ) انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوءِ ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ واڌ ٿي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 88 پئسا مهانگو کانپوءِ 284 رپيا 31 پئسا تي بند ٿيو. ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 43 پئسا تي بند ٿيو. ٻي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس ساڍا 6 سالن کانپوءِ 53 هزار پوائنٽس کان وڌي ويو آهي. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 347 پوائنٽس يا 0.66 سيڪڙو واڌ سان 53 هزار 4 پوائنٽس تي پهچي ويو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪالهه 100 انڊيڪس 52 هزار 656.76 پوائنٽس تي بند ٿيو.
-
عوام سان جيڪو ٿيو، اهو ڪنهن دشمن به نه سوچيو هوندو: نواز شريف
لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ کي اونداهين مان ڪڍنداسين. ن ليگ قائد نواز شريف جاتي امرا ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي نواز شريف چيو ته اڳ ۾ به ملڪ کي ترقي جي رستي تي آندوسين، هاڻ به ائين ئي ٿيندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام سان جيڪو ٿيو، اهو ڪنهن دشمن به نه سوچيو هوندو، اسان کي عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين ۽ ملڪ کي اونداهين مان ڪڍنداسين.
-
پي آءِ اي عمري جي ڀاڙن ۾گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو
لاهور ( م ڊ ) پي آءِ اي عمري جي ڀاڙن ۾ فوري گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي آءِ اي ترجمان موجب اسلام آباد، سيالڪوٽ، پشاور، ملتان، فيصل آباد کان جده تائين عمري جو ٻه طرفو ڀاڙو 87 هزار رپيا علاوه ٽيڪس ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۽ ڪوئيٽا کان عمري جو ڀاڙو 79 هزار رپيا علاوه ٽيڪس ٿيو آهي. پي آءِ اي ترجمان موجب اهي ڀاڙا فوري طور تي لاڳو ٿيندا.