ڪراچي ( رپورٽر ) ڪمشنر ڪراچي ۽ فلور ملز مالڪن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين چوڌري عامر چيو آهي ته ڪمشنر ڪراچي سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، اٽي جا اگهه طئي ٿي ويا آهن.اڍائي نمبر اٽي جو هول سيل اگهه 120 رپيا ۽ ريزڪي 127 رپيا في ڪلو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فائن اٽي ۽ ميدي جو هول سيل اگهه 130 رپيا ۽ ريزڪي 134 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي. فلور ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ محمود مولوي چيو ته فلور ملز ايسوسيئيشن سرڪاري اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي، ڪراچي ۾ اٽي جو ريزڪي اگهه 175 مان 128 رپيا في ڪلو ۽ اٽي جو هول سيل اگهه 120 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. هن چيو ته اٽي جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي سان عوام جون معاشي مشڪلاتون گهٽ ٿينديون. هول سيل، ريزڪي ۽ مارڪيٽن ۽ ملن مان اٽو سرڪاري اگهه تي عوام کي ملند. هن هفتي ڪڻڪ 5 رپيا في ڪلو گهٽ ٿي 105 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي ۽ درآمدي ڪڻڪ 3 رپيا في ڪلو گهٽتائي سان 97 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. فلر ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ چيو ته تندور ۽ بيڪري مالڪن سان ڇنڇر تي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ماني، ڊبل روٽي ۽ بيڪري جي شين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي.