غيرملڪين خلاف ڪارروائي سست رفتاري جو شڪار

حڪومت طرفان غيرقانوني رھندڙ غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي عمل جاري آھي. ان دوران تاحال لڳ ڀڳ ھڪ لک 70 ھزار افغان شھري واپس ويا آھن. اھا ڳالھه سرڪار جي ذريعن پاران ڄاڻائي وئي آھي.ٻئي پاسي غيرملڪين کي واپس موڪلڻ تي عمل جي رفتار سست ھئڻ جي شڪايت بھ سامھون اچي رھي آھي تھ وري ڪجھه سياسي ڌريون پنھنجي سياسي مفادن کي نظر ۾ رکندي حڪومت جي اھڙي فيصلي جي مخالفت پڻ ڪري رھيون آھن.ساڳئي وقت ميڊيا ۾ اھي خبرون پڻ آيون آھن، تھ حڪومت جي اھڙي تڪڙي فيصلي بعد ڪي بااثر ڌريون غيرملڪين کي غيرقانوني طور تي ڪاغذ پٽ تيار ڪري ڏئي رھيون آھن، ان سلسلي ۾ نادرا جي ھڪ وين جي ھڪ گدام ۾ ڳجھي نموني موجودگيءَ جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ان جو سوشل ميڊيا تي وڏ چرچو ٿيندو رھيو آھي.

سنڌ ۾ غيرقانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ پوليس توڙي انتظاميا اثرائتي ڪارروائي شروع نه ڪئي آھي .افغانين سميت سمورا غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي معمول واري زندگي گذاري رهيا آهن، سنڌ جي سڄاڻ ڌرين افغانين سميت ٻين پرڏيهين جي نيڪالي جي لاءِ سنڌ ۾ ڪارروايون نه ٿيڻ کي بدنيتي ۽ سنڌين جي استحصال جي سازش قرار ڏئي رهيون آهن.

سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد سميت ڄامشورو، ميرپورخاص، ٽنڊومحمد خان، بدين، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٺٽو، سجاول، مٺي، عمرڪوٽ، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ افغانين سميت ٻين پرڏيهين خلاف پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، توڙي ضلعن جي انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، پوليس پنهنجي معمول واري ڊيوٽي تي نظر اچي رهي آهي.ماڻهو پوليس، ضلعي انتظاميا توڙي لاڳاپيل ادارن تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته سنڌ ۾ڪارروائي ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي، سنڌ جي مقابلي ۾ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿي رهي آهي.

حيدرآباد ۾ قائم افغان بستين سميت مختلف هنڌن تي وڏي تعداد ۾ رهندڙ افغاني اڃان  رهن پيا ۽ واپس وڃڻ جي لاءِ ڪا تياري به ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري پوليس توڙي لاڳاپيل ادارن پاران پرڏيهين جي نيڪالي جي لاءِ ڪا اثرائتي ڪارروائي ڪئي آهي.

هوڏانهن ڪوهسار واري علائقي ۾ غيرقانوني پرڏيهين کي حراست ۾ وٺي ترسائڻ لاءِ قائم ڪيل هولڊنگ سينٽر ۾ ڪنهن به قسم جا انتظام ٿيل ناهن، انتظاميا خميس ڏينھن  تائين غيرملڪين کي ھٿ ڪري  اتي نه آندو آهي ۽ نه ئي رات دير تائين ڪو اهڙو بيان جاري ڪيو  آھي.

جنهن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين سميت ٻين پرڏيهين خلاف ڪاررواين ۽ گرفتارين جا انگ اکر سامهون آيا هجن. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ نوجوان ٽنڊوڄام ٿاڻي تي پهچي غيرقانوني طور تي رهندڙ افغاني کي پڪڙڻ جي لاءِ نشاندهي ڪري ڪارروائي لاءِ پوليس اهلڪارن کي منٿون ڪري رهيو آهي، پر ٽنڊوڄام ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن کيس چيو ته اهو حڪومت جو ڪم آهي اسان جو ناهي،

حڪومتي عملدارن موجب، حڪومت طرفان غير قانوني مهاجرن کي ملڪ ڇڏڻ جو الٽيميٽم ڏيڻ کان پوءِ 165,000 کان وڌيڪ افغان پناهگير پاڪستان مان واپس وڃي چڪا آهن.طالبان حڪومت جي پناهگيرن واري وزير خليل حقاني اي ايف پي کي ٻڌايو ته اسان   پاڪستاني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ انهن کان وڌيڪ وقت گهري رهيا آهيون ته ماڻهن کي باعزت طريقي سان واپس وڃڻ ڏنو وڃي.هوڏانهن پاڪستاني اختيارين خميس تي سوين افغانين کي حراست ۾ ورتو ۽ ڪريڪ ڊائون جاري رکڻ جو عزم ڪيو، غير دستاويزي افغانين کي رضاڪارانه طور تي ملڪ ڇڏڻ جي حوصلا افزائي ڪئي.سرحدي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالناصر خان اي ايف پي کي ٻڌايو ته غيرقانوني افغان مهاجر وڏي انگ ۾ طورخم پهچي ويا آهن، اڄ به سرحد تي رڳو هڪ هزار ماڻهو موجود آهن.صوبائي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته رڳو خيبرپختونخواهه مان هڪ لک 29 هزار ماڻهو افغانستان جو رستو اختيار ڪري چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان جي علائقي چمن مان 38 هزار 100 ماڻهو روانا ٿيا آهن.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ هڪ گودام جي اندر شڪي طريقي سان سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا پيا وڃن. وڊيو ۾ پوليس اهلڪار نادرا  ملازم کان پڇي رهيو آهي ته اندر ڇا پيو ٿئي جنهن تي نادرا جي ملازم جواب ڏنو ته ايم اين اي طرفان سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي لاءِ وين اماڻي وئي آهي.

نادرا وين طرفان بند پيل گودام ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي وڊيو تي نادرا طرفان انچارج رجسٽريشن وين نديم شاهه جو بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن چيو آهي ته افغانين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جو الزام ڪوڙو  آهي.

ظفرالله ڪاڪڙ نالي هڪ واهپيدار پنهنجو واسطو بلوچستان سان ظاهر ڪندي لکيو ته نادرا وين ۾ جيڪي ماڻهو موجود آهن انهن ٽيهه هزار کان ڏيڍ لک وٺي افغان شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن ۽ اهي افغاني هاڻي پاڻ کي پاڪستاني قرار ڏين  ٿا. سراسري طور تي ڪير به نادرا جو جواب مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ عوام ۾ نادرا خلاف ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. اڪثر واهپيدارن جو اهو ئي سوال آهي ته غيرقانوني رهندڙ افغانين کي پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ ڪيئن جاري ٿي وڃي ٿو ۽ هو پاڪستاني ڪيئن بڻجي وڃن ٿا؟ ان بابت نادرا کان ضرور پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ۽ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

جيتوڻيڪ ھن وقت سوشل ميڊيا تي آيل سمورين وڊيوز جي نادرا پاران ترديد ڪئي پئي وڃي پر جيئن تھ ھن کان اڳ عام طور تي رشوت تي اھو ڪم ٿيندو رھيو آھي ان ڪري نادرا جي عملي جي وضاحت کي ڪو بھ ماڻھون تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.بھتر ٿيندو تھ حڪومت پاران ھن مسئلي کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ۽ ان اھڙي عمل ۾ ملوث بااثرن خلاف ڪارراوئي ڪئي وڃي، گڏوگڏ سنڌ ۾ پوليس جي سستي ۽ ڪوتاھي ڪندڙ عملي خلاف جوڳي ڪاروائي ڪري حڪومت جي ڪيل فيصلي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

حڪومت کي اھو خيال ڪرڻ گھرجي تھ نوڪرشاھي عرصي کان اھو سمجھي ٿي تھ انھن کان ڪو پڇاڻو نھ ٿيندو ان ڪري سرڪار جي حڪم تي مڪمل طور عمل ۾ سست رفتاري  جو مظاھرو ڪيو وڃي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.