ھي شور اجايو آ پيارا …

تحرير: امر سنڌو

ممڪن آھي ته مونکي به ڊاڪٽر ايوب شيخ سان سئو شڪايتون ھجن،ممڪن آھي ته مونکي احمد شاهه جي شڪل نه به وڻندي ھجي.اھو به ممڪن آھي ته سندن سڏ جي شريڪ ۾ منھنجا ڪي دوست يار رھجي ويا ھجن …پر اھو ڪھڙو انصاف آھي ته ان جي بنياد تي سکر ۾ ھيڏي وڏي ملڪي سطح جي ادبي فيسٽيول تي محض ان ڪري تنقيد ڪجي ته ان ۾ منھنجي پسند جو ڪو سيشن شامل نه ھو.

مون، سنڌ يونيورسٽي ۾ پري اينٽري ٽيسٽ جي ڪري ميلو متل ڇڏيو  پر ڪراچي کان بس ۾ ۽ پوءِ لاھور اسلام آباد کان پنھنجي گاڏين تي آيل ملڪ جي برک اديبن، ميڊيا پرسنز کي سکر ۾ گڏ ڪرڻ جو جنھن ڪم ڪيو ان کي وڌايون ڇو نه ڏجن؟سکر ۾ ادبي ميلي ۾ عورتن ۽ خاص طور تي نوجوان ڇوڪرين جي موجودگي ۽ انھن جي جھومڻ ، انجواءِ ڪرڻ کي مان ڇو نه ساراھيان جيڪي سون جي تعداد ۾ صبح کان شام تائين سيشن اٽينڊ ڪنديون رھيون.ڪيتريون ئي عورتون نوجوان ڇوڪريون سڪ مان ملندا رھيا.

مونکي نالو وسري ٿو ، پر محبت واه جي مٺڙي ڳوٺ خيرپور ضلعي مان شرڪت لاءِ  آيل ان ريٽائرڊ نج پج ڳوٺاڻي پر ادبي ۽ سماجي طور باشعور ھيڊ ماسترياڻي کي مان ڪيئن وساريان جيڪا خيرپور جي ڳوٺ مان سکر اچي ھڪ ادبي ميلي ۾ ادبي سيشن غور سان ٻڌندي رھي.

توھان جن کي پنھنجا مرداڻا تعصب آھن سي ڀل ته ھن ميلي مچائيندڙ ٽيم ۽ ان جي سربراھ تي تنقيد ڪريو، اھڙي سطحي قسم جي تنقيد جو سامان شايد مون وٽ به ھجي، پر اھا تنقيد ته فلاڻي موضوع تي سيشن ڪونه ھئا، فلاڻي آکاڻي کي دعوت ڪونه ملي، ڪونه ملي،فلاڻي تيس مار خان جي موجودگي نه ھئي ان ڪري منتظمين تي تنقيد ۽ تبري بازي ڪجي.

مان سمجھان ٿي ته ھن وقت سنڌ ۾ جيڪو ڪجھه نٿو ڪري سگھي اھو اھڙي ڇسي تنقيد جو ماھر آھي. احمد شاهه کي چئي سگھجي ٿو ته اھڙو ميلو شڪارپور جي شيخ اياز يونيورسٽي جي تعاون سان به شڪارپور ۾ به ڪري جتي ان قسم جي ميلي جو ماحول ناھي، لاھور بجاءِ ان ميلي کي دادو کڻي وڃي جتي گذريل ڏينھن م قلندر جي ميلي وارو اسٽيڊيم ڀريل ھو فقط ھڪ اسٽيج ڊرامي لاءِ  اتي جي احمد شاهه ميلو مچائي ته ميلو ڪيڏا مچ مچائي سگھي ٿو.

ھي ادبي ڪاروان لاڙڪاڻي وڃي سگھي ٿو، جتي سنڌ جي ھر ان شھر وڃي پنھنجي ڪاميابي جو جھنڊو کوڙيو سماج کي متحرڪ ڪري سگھي ٿو.  ھا پئسو سرڪاري ڀلڇو نه ھجي،جي بسم الله، جي اھو حقيقي طور تي ھن اڃ، اساٽ ۽ ٻوساٽ جي دور ۾ ساهه کڻڻ جون اھڙيون کڙڪيون کولي سگھي جتي توھان پنھنجي خاندان سان، خاندان جي عورتن سان گڏ وڃي ادبي گفتگو ٻڌو(چلو پراڻي ئي سھي ۽ بار بار ورجايل ماڻھن جي سھي) پر توھان لاءِ  پھريون دفعو شھر ۾ اھا گفتگو منعقد ڪجي.

توھان جون نياڻيون، توھان جون ڀينرون توھان جي نئين سنڌ جو مستقبل جيڪڏھن سيف جي ڌنن تي ، سنڌي موسيقي ٿي جھومي پوي ته به يقين ڪريو اھا به وڏي تبديلي آھي..دل وڏي ڪريو ،اھا تبديلي اچڻ ڏيو ، ساهه کڻڻ جون اھي کڙڪيون کلڻ ڏيو… دل وڏي ڪريو ۽

شاباس ڏيو انھن کي جن جرڳن، سردارن ۽ ڪارين جي ڪيس جي مرڪز ۾ وڃي اھو ادبي ميڙ مچايو..۽ مھرباني مڃو انھن سيشن ۾ شرڪت ڪندڙن اديبن، شاعرن، ميڊيا پرسنز ۽ ٻين مھربانن جي، جيڪي ڪراچي، اسلام آباد ، لاھور ۽ حيدرآباد مان ڪھي آيا…ٻن ڏينھن لاءِ  ئي سھي پر ھن ڏکاري ۽ اڃاري سنڌ جي اساٽيل، ٻوساٽيل ماحول ۾ ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ميلو سرواڻ جي برسات جيان جل ٿل ڪري ويو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.