بدين ويجهو هٿياربندن جو حملو، 2 ڀينرون اغوا، والد جون دانهون

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين ويجهو ڳوٺ الله بخش سهتو ۾ هٿيار بند ڳوٺاڻي علي نواز سهتو جي گهر تي هلان ڪري ان جي ٻن نياڻين (م، ن ۽ ع) کي اغوا ڪري ويا، هٿياربند گهر ۾رکيل 7لک رپيا ڪيش رقم ۽ 2 تولا سون به کڻي ويا، مغوي ڀينرن جي والد علي نواز سهتو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ٻنهي نياڻين کي 25 آڪٽوبر جي رات جو اغوا ڪيو ويو،  پوليس هن وقت تائين ڪجهه ناهي ڪيو، هن چيو ته 11ورهين جي نياڻي (ع) کي چڱن جي مداخلت تي ٽنڊو محمد خان مان اسان حوالي ڪيو ويو، خدشو آھي ته ڏوهارين نياڻي سان زيادتي نه ڪئي هجي، پوليس نياڻي جو ميڊيڪل چيڪ ناهي ڪرايو، 16 ورهين جي نياڻي (م. ن) اڃا ڏوهارين وٽ قيد آهي، جوابدار بااثر هجڻ ڪري مون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو، نياڻي جي حياتي کي خطرو آهي، اسان حوالي ڪيل نياڻي جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي ٻي نياڻي کي آزاد ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.