ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر)سنڌ جي ناڻي کاتي ڪي ايم سي ۽ 25 ٽائونن کان علاوه صوبي جي مڪاني کاتي لاءِ او زيڊ ٽي شيئر جي مد ۾ رقم جاري ڪري ڇڏي آهي، ناڻي کاتي شيئر مد ۾ جاري رقم بابت ٻه الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي مجموعي طور 10 ارب 38 ڪروڙ 91 لک 51 هزار رپيا جاري ڪيا وياآهن،جاري ڪيل فنڊن ۾هڪ شيئر رقم 1466 يونين ڪائونسل ۽ ڪميٽين لاءِ 7 ارب 33 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن،جڏهن ته شيئر ۾ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي 7 ضلعن۽ 25 ٽائون ڪميٽين لاءِ رقم شامل ناهي ڪئي وئي،رقم صرف صوبي جي 1466 يونين ڪميٽين ۽ ڪائونسلن کي برابر شيئرز جي بنياد تي 5 لک رپيا ڏني ويندي، جڏهن هڪ ٻئي نوٽيفڪيشن ۾ 3 ارب 35 ڪروڙ 91 لک 51 هزار رپيا جاري ڪيا ويا اها رقم 23 ضلعن بشمول سکر، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشنون ۽ 184 ميونسپل، ٽائون ڪميٽيون لاءِ جاري ڪئي وئي آهي،جاري ڪيل رقم نومبر مهيني جي خرچن لاءِ اڳواٽ پڻ جاري ڪئي وئي آهي،جاري ٿيل رقم ۾ مڪاني کاتي جي ڪارپوريشنن ۽ ڪميٽين جي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن ادا ڪيا ويندا۽ڪارپوريشن ۽ ڪميٽين ۾ صفائي، پاڻي فراهمي، نيڪال، فيول ۽ خريداري جي رقم ۾ پڻ استعمال ڪيا ويندا.