اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته عام چونڊون اڄ سامهون آيل تاريخ کان اڳتي نه وڌڻ گهرجن، ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ خوشخبري ملي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا مسلسل چونڊن جي ڳالهه ڪري رهي آهي، اليڪشن 11 فيبروري تي هجي يا ان کان اڳ، ٻنهي صورتن ۾ پي ٽي آءِ کي قبول آهي. بئريسٽر علي ظفر چيو ته سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته چيف اليڪشن ڪميشن صدر سان مشاورت ڪري. هن چيو ته سپريم ڪورٽ واضح چيو آهي ته اليڪشن جي تاريخ ۾ تبديلي نه ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي غيرقانوني قدم کنيو ويو، اميد آهي ته اسان جا مسئلا حل ٿي ويندا، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ عدالت موجود آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ کي اليڪشن وڙهڻ جو موقعو ڏنو وڃي.