اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري جو چوڻ آهي ته سمورين سياسي پارٽين لاءِ ليول پلينگ فيلڊ هجڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ چونڊون سواليا نشان بڻجي وينديون. پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته اصولي طور تي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن ها، 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرائڻ جي ذميوار اليڪشن ڪميشن آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو مطالبو آهي ته اليڪشن جو شيڊول ڏنو وڃي، چونڊن جي تاريخ سان گڏ اليڪشن شيڊول به ڏنو وڃي. نيئر بخاري وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ دير جو ذميوار اسان کي ڇو قرار ڏنو ويو آهي، پيپلز پارٽي مطالبو ڪيو ته چونڊون ڪرايون وڃن، چونڊون ئي مسئلن جو حل توڙي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ آهن.