ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) حڪومت پاران ڏنل مهلت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ غيرقانوني پناهگيرن خلاف ڪارروائيون جاري آهي. سائيٽ سپر هاءِ وي جي علائقي يثرب ڳوٺ ۾ ايس ايس پي ايسٽ عرفان علي بهادر جي اڳواڻي ۾ ايس پي سهراب ڳوٺ، ايس پي گلشن اقبال، ضلعي اوڀر جي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن آپريشن ڪري گهر گهر جهڙتي ورتي جڏهن ته عورت آفيسرن ۽ اهلڪارن به ڪارروائي ۾ حصو ورتو.آپريشن دوران يثرب ڳوٺ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن کي بند ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس تلاش ايپ ذريعي سندن شناختي ڪارڊ ۽ افغاني شهريت وارن ڪارڊن جي تصديق ڪئي. پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ لاءِ ٿاڻي منتقل ڪيو. حراست ۾ ورتل ماڻهن جو چوڻ هو ته هنن وٽ حڪومت پاران جاري ڪيل افغاني ڪارڊ آهن، پر پوليس کين ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو آهي. هنن چيو ته هو 40 سالن کان علائقي ۾ رهن ٿا، ملڪ ڇڏڻ ڪيئن ممڪن آهي. ايس ايس پي اوڀر عرفان علي بهادر جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي حڪم تي غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جن ۾ اڪثريت افغانين جي آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو رضاڪاراڻه طور مهلت مان فائدو وٺندي پاڪستان ڇڏي پنهنجن ملڪن ڏانهن هليا ويا آهن. هن چيو ته آپريشن تڏهن ئي ختم ٿيندو جڏهن تصديق ٿئي ته ڪو به پرڏيهي غير قانوني طور ترسيل ناهي.
پاڪستان نيڪالي بدران پرڏيهين جي رجسٽريشن جو نظام جوڙي: گڏيل قومن جو ادارو
نيويارڪ ( م ڊ ) گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته غير قانوني افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ بدران انهن جي رجسٽريشن لاءِ هڪ گڏيل طريقيڪار ٺاهيو وڃي. گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري جي ترجمان قيصر خان آفريدي چيو آهي ته افغانين جي واپسي جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جي زندگين کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. افغانستان جي صورتحال تي 8 ملڪن ۽ يورپي يونين به گڏيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته غير دستاويزي افغانين جي رجسٽريشن جو نظام جوڙيو وڃي ۽ تحفظ حاصل ڪندڙ افغانين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ افغان پناهگيرن بابت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن، افغانستان جا پاڙيسري ملڪ تحفظ حاصل ڪندڙ افغانين کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏين.
پاڪ افغان سرحدي ڪراسنگ پوائنٽن تي عورتن ۽ ٻارن کي بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ
اسلام آباد (بيورو+اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي پاڪ افغان سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هو افغان ناظم الامور سردار احمد شڪيب سان ملاقات دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو،هن چيو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي، هدايتون جاري ڪيون آهن ته پنهنجي وطن واپس ويندڙن سان انتهائي عزت ۽ احترام سان پيش اچيو وڃي، هن چيو ته پروف آف رجسٽريشن ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه پئي آندي وڃي،