حڪومتي الٽيميٽم کانپوءِ هڪ لک 65 هزار افغانين جي لڏپلاڻ

اسلام آباد(م ڊ) حڪومتي عملدارن موجب، حڪومت طرفان غير قانوني مهاجرن کي ملڪ ڇڏڻ جو الٽيميٽم ڏيڻ کان پوءِ 165,000 کان وڌيڪ افغان پناهگير پاڪستان مان واپس وڃي چڪا آهن.طالبان حڪومت جي پناهگيرن واري وزير خليل حقاني اي ايف پي کي ٻڌايو ته اسان   پاڪستاني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ انهن کان وڌيڪ وقت گهري رهيا آهيون ته ماڻهن کي باعزت طريقي سان واپس وڃڻ ڏنو وڃي.هوڏانهن پاڪستاني اختيارين خميس تي سوين افغانين کي حراست ۾ ورتو ۽ ڪريڪ ڊائون جاري رکڻ جو عزم ڪيو، غير دستاويزي افغانين کي رضاڪارانه طور تي ملڪ ڇڏڻ جي حوصلا افزائي ڪئي.سرحدي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالناصر خان اي ايف پي کي ٻڌايو ته غيرقانوني افغان مهاجر وڏي انگ ۾ طورخم پهچي ويا آهن، اڄ به سرحد تي رڳو هڪ هزار ماڻهو موجود آهن.صوبائي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته رڳو خيبرپختونخواهه مان هڪ لک 29 هزار ماڻهو افغانستان جو رستو اختيار ڪري چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان جي علائقي چمن مان 38 هزار 100 ماڻهو روانا ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.