نگران سرڪار افغانين کي ڏيهه موڪلڻ ۾ سنجيده ناهي:صنعان قريشي

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نگران حڪومت افغانين  کي پنهنجي ڏيھه موڪلڻ ۾ سنجيده ناهي، نگران سرڪار رڳو ميڊيا ۾ اشتهار، بيان ڏئي رهي آهي، نگران سرڪار وٽ افغانين کي واپس موڪلڻ جو ڪو به پلان يا رٿابندي ناهي ٿيل، ان مان ثابت ٿي رهيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ پرڏيهين خلاف ڪارروائي ٿيندي پر سنڌ کي يتيم خانو بڻائي سڄي دنيا جا ڌڪاريل ڏوهاري ۽ دهشتگرد سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش کي اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته سرڪاري ڊيٽ لائين کانپوءِ ڪراچي، حيدرآباد ڄامشورو، ڪوٽڙي ٺٽو سميت سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪا به ڪارروائي نظر نٿي اچي، ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ۾ افغانين جون سرعام بستيون قائم آهن پر سرڪار کي نظر نٿيون اچن، جسقم چيئرمين چيو ته سرڪار نٿي چاهي ته سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻو آهي، سنڌين جي مرضيءَ کانسواءِ جعلي ڊجيٽل آدمشماري ڪئي وئي. سنڌ جون قيمتي زمينون وڪرو ڪري ڌارين کي ڏنيون پيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.