ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ميئر کي ضمني چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ واري درخواست تي جماعت اسلامي کي اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ دخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جڏهن ته عدالت اليڪشن ٽربيونل کي اعتراضن جو جائزو وٺي فوري فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. وقتي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن جنهن طريقي سان ٿي آهي. اسان جي ڄاڻ ۾ گهڻو ڪجهه آهي، معاملو اسان جي سامهون ناهي تنهن ڪري راءِ نه ٿا ڏئي سگهون. وقتي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته مڪاني ادارن جي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه پيو ٿئي.جماعت اسلامي جي وڪيل ايڊوڪيٽ عثمان فاروق عدالت جي هدايتن بعد درخواست واپس وٺي ڇڏي، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس عقيل عباسي اڄ حلف کڻندو
ڪراچي (رپورثر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نئين مقرر ٿيل وقتي چيف جسٽس جي حلف برداري تقريب اڄ ٿيندي.وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جسٽس عقيل عباسي کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آھي. اڄ صبح حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي آھي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينيئر جسٽس نديم اختر، جسٽس عقيل عباسي کي وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻائيندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران وقتي چيف جي حلف برداري تقريب جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن ۽ نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو آهي.