غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي ۾ پ پ رنڊڪ بڻجي پئي: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ پيش ڪيل ثبوتن جي آڌار تي ملڪ جي اعليٰ عدالت اھو واضح فيصلو ڏنو ھو ته سنڌ ۾  رھندڙ لکين افغانين سميت ٻيا پرڏيهي دھشتگردي، بدامني، لاقانونيت، قبضن، منشيات فروشي، جديد ھٿيارن جي ڪاروبار ۽ خودڪش حملن ۾ ملوث ۽ پاڪستان جي سالميت لاءِ خطرو آھن جن کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي، نام نهاد انساني حقن جي تنظيمن سميت پيپلزپارٽي ۽ مذھبي جماعتن انھن ڪرمنل ڏوھارين، خودڪش بمبارن ۽ ملڪ لاءِ خطرو بڻيل دھشتگردن جي انساني حقن جي آڙ ۾ حمايت ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ آيون آھن، خسيس ووٽن وٺڻ خاطر ۽ انساني حقن جي نالي ۾ ملڪي سالميت کي داءُ تي لڳائڻ ڪھڙي پاڪستان ۽ عوام دوستي آھي، سنڌ ۾ غيرقانوني طور آيل افغانين سميت سمورا غير ملڪي معصوم انسانن جا قاتل وحشي ۽ درندا آھن جن جي خودڪش حملن کان مسجدون، امام بارگاھون، مندر، اسڪول ۽ عام پبلڪ جون جايون به محفوظ ناھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.