حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته غيرقانوني ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجھڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي، غير قانوني افغانين کي واپس پنھنجي ملڪ موڪليو وڃي، پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي ايم اقتدار ۽ ووٽ جي لالچ ۾ ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ نه وجھن ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو حصو نه ٿين، افغانستان ۾ ھن وقت امن آھي، اتي جون معاشي حالتون پاڪستان کان وڌيڪ بھتر تي رھيون آھن، انڪري انھن کي ھتي رھائڻ جو ڪو به جواز نٿو بچي، جاري بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سمورن وڏن شھرن ۾ غير قانوني افغاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي ڪالونيون ٺاھي قابض ويٺل آھن، اھي غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي روزگار جي وسيلن تي قابض آھن، اھي دھشتگردي جي واقعن ۾ استعمال ٿين ٿا.