9 مئي سانحو: اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو بيان رڪارڊ

راولپنڊي ( م ڊ ) پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو اڊيالا جيل ۾ 9 مئي جي واقعن بابت بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي. جيل ذريعن موجب راولپنڊي پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان پڇا ڳاڇا لاءِ اڊيالا جيل پهتي، جتي جاچ ٽيم کانئس 9 مئي جي واقعن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. جيل ذريعن ٻڌايو آهي ته جاچ ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي، پوليس جي جاچ ٽيم وڪيلن جي موجودگي ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.