وومينز ٽينس جي فاتح غزا جي ٻارن جو ذڪر ڪندي روئي ويٺي

تيونس ( م ڊ ) وومينز ٽينس ايسوسيئيشن ٽورنامينٽ جي فاتح انس جابر انعامي رقم جو ڪجهه حصو فلسطينين کي عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وومين ٽينس ايسوسيئيشن جي فاتح تيونس جي رانديگر انس جابر پنهنجي فتح تي تبصرو ڪندي غزا جي ٻارن جو ذڪر روئي ويٺي. انس جابر چيو ته ٽورنامينٽ کٽڻ تي مان خوش آهيان پر دنيا جي موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال مون کي جشن ملهائڻ کان روڪي رهي آهي، جڏهن ننڍڙا ٻار قتل ڪيا پيا وڃن ته مان ڪيئن جشن ملهائيندس. ٽينس اسٽار جو چوڻ هو ته مان انعامي رقم مان ڪجهه حصو فلسطين جي متاثرن جي مدد لاءِ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيو آهيان، دنيا ۾ امن چاهيان ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.