مناما ( م ڊ ) غزا ۾ اسرائيل جي وحشيانه قدمن خلاف احتجاج ڪندي بحرين اسرائيلي سفير کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. بحرين جي پارليامينٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان موجب عرب ملڪ اسرائيل مان پنهنجو سفير واپس گهرائي ان سان معاشي لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايوان نمائندگان تصديق ڪري ٿو ته بحرين ۾ اسرائيلي سفير کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسرائيل مان بحرين جي سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ اسرائيل سان معاشي لاڳاپا پڻ معطل ڪيا ويا آهن.