عوام کي انتظار ھو تھ ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي جيئن بي يقيني واري ڪيفيت ختم ٿئي. ان پس منظر ۾ اليڪشن ڪميشن پهريون 11 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ جي عدالت کي تاريخ ڏني هئي ۽ آخري خبرن موجب صدر مملڪت جي مشوري کانپوءِ 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ان کان اڳ ۾ سپريم ڪورٽ عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ بابت داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪري رھي ھئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس امين الدين خان تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي خميس ڏينھن واري ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي عدالت کي ٻڌايو ته تڪ بندين جو عمل 29 جنوري تائين مڪمل ٿي ويندو. جنهن کانپوءِ چونڊون فيبروري ۾ ٿينديون. جنهن کانپوءِ چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ان معاملي تي مشاورت ڪئي وڃي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته صدر کي اليڪشن ڪميشن جو جواب بظاهر آئين جي خلاف آهي، چيف جسٽس چيو ته عدالت ڪنهن به قسم جي خط و ڪتابت ۾ نه ويندي.ان دوران فاروق نائيڪ جو چوڻ ھو تھ چونڊن بابت تاريخ صدر کي ڏيڻ گھرجي ھا.اليڪشن ڪميشن شيڊول جاري ڪري ھا.اليڪشن 90 ڏينھن ۾ ڪرائڻ جي ذميواري صدر جي آھي.
چيف جسٽس چيو ته 90 ڏينهن اڃان نه گذريا آهن، جسٽس اطهر من الله چيو ته مناسب ٿيندو ته پهريان اليڪشن ڪميشن جو موقف ٻڌو وڃي. صدر اليڪشن ڪميشن جي مشاورت کانسواءِ تاريخ جو اعلان ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ ڇا پيپلز پارٽي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ تڪ بندين جي مخالفت ڪئي ھئي؟
فاروق نائيڪ چيو ته پيپلز پارٽي تڪ بندين ۽ آدمشماري جي مخالفت نه ڪئي، جسٽس اطهر من الله چيو ته چونڊن ۾ دير جا ذميوار پ پ سميت سمورا ماڻهو آهن، ان دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو تھ چونڊون فيبروي ۾ ٿينديون. جنھن تي عدالت وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو تھ ھو سوچي سمجھي جواب ڏئي.
ان دوران عدالت ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو موقف ھو تھ اھي تاريخ ڏيڻ جي لاءِ صدر جي مشاورت جو پابند نھ آھي.جنھن تي عدالت برھمي جو اظھار ڪندي صدر سان مشاورت جي تاڪيد ڪئي ۽ ڪارروائي ۾ وقفو ڪيو ويو. جنھن بعد ٿيل مختصر بحث بعد عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته تڪ بندين جو عمل 30 نومبر تي مڪمل ٿيندو. اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ شيڊول ان کانپوءِ جاري ڪري سگهجي ٿو.جنھن لاءِ آچر واري ڏينھن جي تجويز ڏني وئي آھي.
چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن کي ڪالهه ئي صدر سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جنهن کانپوءِ چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري مقرر ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ صدر مشاورت ڪري دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرائين، دستاويز تي دستخط هوندا ته ڪو ڦري نھ سگهندو.آخري تاريخ کان پوءِ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي نه ٿيندي.
ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالھائيندي اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو ته اليڪشن ڪميشن 30 نومبر تائين تڪ بنديون مڪمل ڪندي ۽ ممڪن آهي ته ڊسمبر جي وچ تائين شيڊول جاري ڪيو وڃي، هن چيو ته اھو تمام سٺو آئيني ۽ قانوني فيصلو آھي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن جو چوڻ ھو تھ اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي، عدالت ۾ تاريخ جو اعلان ڪرڻ وڏو فيصلو آهي، هاڻي ان تان واپس ٿيڻ ناممڪن هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته چونڊن کانپوءِ سينيٽ جون چونڊون 5 کان 6 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.اندازي موجب صدر جي چونڊ 15 کان 16 مارچ تائين ٿيندي.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چونڊن جي تاريخ واري اعلان کي جمهوريت ۽ آئين جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا چونڊن جي تاريخ جو مطالبو ڪري رهي هئي.هن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ اليڪشن ڪميشن کي باقاعدگي سان چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ گھرجي.
عدالت ۾ اليڪشن بابت سماعت دوران سامھون آيل تاريخ اصل ۾ ملڪ ۾ 90 ڏينھن اندر چونڊن بابت درخواست تي سامھون آئي.اھڙيون درخواستون پاڪستان تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾داخل ڪرايون هيون.
سپريم ڪورٽ بار ايسوسيشن جي صدر عابد شاهد زبيري، آئين جي آرٽيڪل 184/3 تحت داخل درخواست ۾ عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ( آءِ سي سي) جي نئين تڪ بندين تحت چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو هو.
سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ويو ھو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي جي روشني ۾ جاري نوٽيفڪيشن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جا نگران وڏا وزير شريڪ ھئا جنھن ڪري ڪائونسل جي جوڙ جڪ آئيني نه هئي.هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ڪورم پورو نھ ٿيو ھو، ڪورم پورو نه ٿيندو ته ڪائونسل جي فيصلن تي عملدرآمد ڪيئن ٿيندو.
سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ڪنهن به صورت ۾ 90 ڏينهن کان وڌيڪ واڌ نٿي ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن کي نئين تڪبندين جي بنياد تي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو آئيني اختيار ناهي.
سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ وفاق، گڏيل مفادن واري ڪائونسل، چئني صوبن ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي. جڏھن تھ جماعت اسلامي پنهنجي وڪيل غلام محي الدين ملڪ ذريعي آئين جي آرٽيڪل 224 (2) تحت 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.جماعت اسلامي جي درخواست کان ٻه ڏينهن اڳ اهڙي ئي درخواست پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب خان به داخل ڪئي هئي.