هن وقت ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ ميدان سجائڻ وارو ڪم تيزي سان اڳتي وڌي پيو. ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي مرڪزي اڳواڻن کي اهڙو ٽاسڪ اسٽيبلشمينٽ پاران ملي چڪو آهي. ۽ ان ڪري مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نوازشريف کي به استقبال ڪري ملڪ اندر آندو ويو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن کان هڪ ٻئي خلاف سخت بيان ڏيندڙ پ پ ۽ مسلم ليگ ن کي ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ڪرڻ کان به اسٽيبلشمينٽ منع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري ميان نواز شريف پنهنجن مرڪزي اڳواڻن کي پ پ جي خلاف ۽ آصف زرداري پنهنجي مرڪزي اڳواڻن کي ن ليگ جي خلاف ڳالهائڻ کان جهلي ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪجهه ملڪي سياست مٿان پنهنجو نظرون رکيو ويٺل سينئر تجزئي نگار ان ڳالهه کي نٿا مڃن انهن جو چوڻ آهي. ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ مڪمل طور تي اڃان عمران خان مان هٿ ناهي ڪڍيو ۽ اسٽيبلشمينٽ اندر ويٺل ڪافي فرد اڄ به ان سان گڏ بيٺل آهن .
ان کان سواءِ ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پنهنجي فيصلي ۾ رمارڪس ڏيندي اهو چوڻو پئجي ويو ته. اسلام آباد ۾ قانون نالي ڪابه شي ءِ نظر نٿي اچي ،ائين لڳي ٿو ته رياست جو ڪوبه وجود ناهي هيءَ ڳالهه ڪو عام ماڻهو نٿو ڪري جا وري ڪنهن سياسي پارٽي جو اڳواڻ چوي ٿو ان ڪري هن ملڪ جي هر اداري سميت سگهارين ڌرين سميت سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي سوچڻ گهرجي ته هن وقت پيداٿيل صورت حال جنهن مان ملڪ جي عدليا کي به ائين ڇو محسوس ٿي رهيو آهي؟ ته اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا ان کي هلائيندڙن جي غلط پاليسين جي ڪري رياست کي ناڪام سڏيو ٿو وڃي.
هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ هر وقت پنهنجي مفادن جي لاءِ سياسي پارٽيون ۽ ليڊرٺاهيندي رهي آهي ۽ هتي اصل عوام مان ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽي جي ليڊر کي مٿي اڀرڻ ان جي ڪري ناهي ڏنو ويو جو اسٽيبلشمنٽ کي انهن ليڊرن مان وڏو خوف آهي ڪٿي اهو جيڪي عوام مان ۽ عوام جا ليڊر هنن پاران ٺاهيل سموري نظام کي ويڙهي اصل عوامي راڄ قائم نه ڪري ڇڏن ان جي لاءِ هر ڀيري عوا م سان ويسا گهاتي ڪئي ويندي آهي رياست جڏهن شديد بحران جي ور چڙهندي آهي ته پوءِ اتي سمورو معاشرو به تباهه و برباد ٿي ويندو آهي ان کي بچائڻ لاءِ ڪي منصوبا ڪي پلان ڪي رٿون ڪي فيصلا ڪي ترڪيبون جوڙي رياست کي ان بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪي داناءَ ماڻهو ئي فيصلا ڪندا آهن ته جيئن سمورو معاشرو تباهي ۽ بربادي کان بچي سگهي ڇو ته انساني فطرت تحت سماج کي دائم ۽ قائم رکڻ لاءِ سماج جي بهتري لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ وٺڻ ئي رياستي حڪمرانن جو فرض هوندو آهي.
پر بدنصيبي سان ڏٺو وڃي ته پاڪستاني رياست اندر جيڪو هن وقت مالي سياسي توڙي قومي حوالي سان ٽڪراءُ نظر اچي پيو ان جو ذميوار ملڪ اندر وقت جو هر حڪمران پوءِ چاهي اهو جمهوري هجي چاهي اهو آمريتي ڇانءَ ۾ پلجندو هجي اهو ڄاتو وڃي ٿو اھا سموري راند رچائيندڙ اصل اسٽيبلشمينٽ ھاڻي ڪھڙي راند ٿي ڪرڻ چاھي اھا ڳالھه به ڪجهه ڏينهن اندر ظاهر ٿي پوندي. جيڪي به چونڊجي آيل جمهوري چولي ۾ جمهوري حڪومتون آيون انهن به سدائين اها ئي ٻولي ٻولي ته عوام جي حقن ۽ انهن جي احساس محرومين جو اقتدار ۾ اچي تدارڪ ڪيو ويندو پر ڏٺو وڃي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ انهن سياسي ڌرين به عوام کي ۽ عوام جي مسئلن کي اهميت ڏيڻ بدران پنهنجي پيٽ پالڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني جو هن وقت جنهن به اداري جو دروازو کلي ٿو يا جنهن به اداري جي حقيقت اچي ٿي ته ان اداري اندر اربين کربين رپين جي ڪرپشن جو ذڪر نمايان طور نظر اچي ٿو. ان ۾ يقينن رڳو سياسي ڌريون نه پر اهي غير جمهوري قوتون به شامل آهن جيڪي ٻنهي هٿن سان ملڪي عوام کي لٽڻ ڦرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي ۽ اهي ٻئي ڌريون گهڻي قدر هر دور ۾ هر ڪرپشن ۾ هر ڪڌي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيون آهن ۽ هن وقت به اهو ئي منظر نامو اهي درد اهي ئي ساڳيا سور اهي ئي عوام جا مسئلا جيڪي سالن کان گذرندا پيا اچن اڄ ڏينهن تائين اهي سور اهي درد توڙي عوام جا اهنج گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن .
هاڻي به جيڪڏهن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ واقعي 8 فيبروري سال 2024 تي عام چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ وڃي پئي ته ان لاءِ ٻيهر وري ساڳيو سوال جنم وٺي ٿو ته ڇا! هن دفعي به ٻيهر سال 2018 واري اليڪشن کان پوءِ ڪامياب ٿي آيل سياسي پارٽين جي انگ اکرن کان پوءِ قومي اسيمبلي اندر ٺهيل چارٽ موجب 342 جي ميمبرن کي ورهايو ويندو ۽ ڪجهه نئين پارٽين ۽ اتحادن کي به آڻي هڪ مخصوص حڪومت جوڙي ويندي جا مسلم ليگ ن کي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائي سمورو اقتدار ان حوالي ڪيو ويندو ان حوالي سان به ڪو بهتر جواب نٿو ملي ۽ حالتون به اهڙيون ناهن ڇو ته اسٽيبلشمينٽ پ پ ۽ مسلم ليگ ن گڏجي به پنجاب جي عوام جي دل مان عمران خان کي ڪڍي ناهن سگهيا ان ڪري به ملڪي اسٽيبلشمينٽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سخت پريشان آهي.
اسلام آباد جي اندر اهي ڳالهيون به هلي رهيون آهن ته جيڪڏهن موجودهه صورت حال ۾ عام چونڊو ٿين ٿيون ته اسٽيبلشمينٽ سمورين پارٽين کي هڪ جهڙا چونڊ وڙهڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي ته ان صورت ۾ اڪيلي پي ٽي آءِ حڪومت ٺاهڻ جيتريون سيٽون حاصل ڪري ٿي وڃي ان لاءِ هن وقت ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جون واڳون سنڀاليندڙ راضي ناهن جنهن ڪري ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي بار بار اهو ورجايو پيو وڃي ته ملڪ اندر اسٽيبلشمينٽ اڃان عام چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ تيار ناهي ان ڪري ڏسجي ته اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري سال 2024 تي اليڪشن ڪرائي ٿي جا تاريخ تي تاريخ ڏيندي ٿي وڃي