نواب شاهه ( رپورٽر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي شٽر بند هڙتالن دوران گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. شاھنواز ڪيريو، ٻڌل مگسي، علي نواز ڪاتيار، غلام علي سميت 12ڪارڪنن کي نواب شاهه جي دھشتگردي عدالت ۾ آندو ويو، دھشتگردي عدالت جو جج موڪل تي هئڻ سبب ڪارڪنن کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج الهبچايو گبول جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڪارڪنن تي مختلف ڪيس مان دھشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا، جنھن بعد 10ڪارڪنن کي جڊيشل مئجسٽريٽ ون جي جج عامر ڀٽي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏھن ته چئن ڄڻن شھزاد ڀٽي سليمان ڪيريو، سليم مگسي ۽ علي نواز ڪاتيار کي ڪنزيومر ڪورٽ جي عدالت جي جج امداد ڪيريو وٽ پيش ڪيو ويو جتي عدالت ٽن ڄڻن شھزاد ڀٽي سليمان ڪيريو، سليم مگسي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏھن ته علي نواز ڪاتيار تي 13ڊي جو ڪيس داخل هئڻ سبب کيس جيل موڪليو ويو، ان سلسلي ۾ نواب شاهه بار جي وڪيلن مختيار رند، سچل ماڇي، عرفان علي لنڊ، سنتوش ڪمار، رحيم لاشاري، اياز سولنگي، اسد رند سميت 20ھن وڪيلن مفت ۾ ڪيس وڙھڻ جو اعلان ڪيو آھي.