اسلام آباد(م ڊ)ناليواري اينڪر مطيع الله جان ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ جيڪڏهن انڪوائري ڪميشن ٺهي ته ان کي نه رڳو پيمرا جي اڳوڻي چيئرمين جي اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه خلاف فون ڪال تي ڪنهن ٽي وي چينل بحال ڪرڻ جي الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو، پر فوج جي سياست ۾ غير اعلانيه مداخلت، هڪ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو الزام به سامهون ايندو. انهن آفيسرن طرفان آئين جي خلاف سازش، غداري ۽ حلف جي ڀڃڪڙي ثابت ٿيندي. ڇا انڪوائري ڪميشن آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي جي سفارش ڪري سگهندي ۽ اهڙي صورت ۾ جنرل باجوه به بچي سگهندو؟ ڇا اڳوڻا وزيراعظم ۽ ٻيا سياستدان به ان ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهن