اسلام آباد(م ڊ) گهرو وزارت واضح ڪيو آهي ته افغان پي او آر ۽ اي سي سي ڪارڊ هولڊرن کي ڊي پورٽ نه ڪيو ويندو، ويزا جو مدو ختم ٿيلن /کي ٻيهر پنهنجي ملڪ وڃي نئين ويزا حاصل ڪري اچڻو پوندو. گهرو وزارت جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن اوهان وٽ درست ويزا ناهي، يا اوهان کي ويزا جي توسيع کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي يا اوهان 6 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي ويزا ۾ واڌ جي باري ۾ ڪو جواب ناهي مليو ته ملڪ ۾ اوهان کي رهڻ غير قانوني آهي ۽ عملدار اوهان جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته غير قانوني پرڏيهي جيڪي ڪاروبار ۾ ملوث آهن انهن ان طرح جي غير قانوني سرگرمي پنهنجي رسڪ ۽ قيمت تي ڪئي آهي، اهڙي سمورين جائيدان کي قانوني جاچ پڙتال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو جنهن جي ڪري ضبطي ٿي سگهي ٿي.